اسلام آباد- 02 آڪٽوبر (اي پي پي) پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري چيو آهي ته وزيراعظم محمد شهباز شريف طرفان جوڙيل ڳالهين واري ڪميٽي ۽ ايڪشن ڪميٽي وچ ۾ ڳالهين جي شروعات ٿي وئي آهي. گذريل ڏينهن ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته پاڪستاني اعليٰ سطحي وفد جي مظفرآباد ۾ جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي جي نمائندن سان باضابطه ڳالهيون شروع ٿي ويون آهن. پاڪستاني …
وزيراعظم طرفان جوڙيل ڳالهين واري ڪميٽي ۽ ايڪشن ڪميٽي وچ ۾ ڳالهين جي شروعات ٿي وئي آهي: ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري

مزید خبریں
اسلام آباد- 02 آڪٽوبر (اي پي پي) پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري چيو آهي ته وزيراعظم محمد شهباز شريف طرفان جوڙيل ڳالهين واري ڪميٽي ۽ ايڪشن ڪميٽي وچ ۾ ڳالهين جي شروعات ٿي وئي آهي. گذريل ڏينهن ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته پاڪستاني اعليٰ سطحي وفد جي مظفرآباد ۾ جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي جي نمائندن سان باضابطه ڳالهيون شروع ٿي ويون آهن. پاڪستاني وفد ۽ گڏيل ايڪشن ڪميٽي وچ ۾ ڳالهيون جاري آهن. وفاقي قيادت ۽ آزاد ڪشمير جي نمائندن ۾ مختلف معاملن تي مشاورت ڪئي پئي وڃي، پاڪستاني اعليٰ سطح جي وفد آزاد ڪشمير ۾ جمهوري عمل کي هٿي ڏيڻ تي زور ڀريو آهي.











