پشاور _ 02 - آڪٽوبر (اي پي پي) وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته دنيا ۾ پنهنجو حقيقي مقام حاصل ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان کي ٽيڪنالاجي ۽ تعليم ۾ وڌيڪ ترقي ڪرڻي پوندي، سيڙپڪاري وڌائڻ جي لاءِ ماحول کي ڪاروباري برادري جي لاءِ وڌيڪ سازگار بڻائڻ جي ضرورت آهي، معاشي خساري ۾ گهٽتائي ٿي آهي ۽ ملڪ جي جي ڊي پي ۾ بهتري جا انگ اکر اچي …
دنيا ۾ پنهنجو حقيقي مقام حاصل ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان کي ٽيڪنالاجي ۽ تعليم ۾ وڌيڪ ترقي ڪرڻي پوندي: وقتي صدر

مزید خبریں
پشاور _ 02 – آڪٽوبر (اي پي پي) وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته دنيا ۾ پنهنجو حقيقي مقام حاصل ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان کي ٽيڪنالاجي ۽ تعليم ۾ وڌيڪ ترقي ڪرڻي پوندي، سيڙپڪاري وڌائڻ جي لاءِ ماحول کي ڪاروباري برادري جي لاءِ وڌيڪ سازگار بڻائڻ جي ضرورت آهي، معاشي خساري ۾ گهٽتائي ٿي آهي ۽ ملڪ جي جي ڊي پي ۾ بهتري جا انگ اکر اچي رهيا آهن، ٽيڪسٽائيل انڊسٽري ۾ بهتري آئي آهي، معدني وسيلن جي شعبي ۾ بي پناهه موقعا موجود آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان بزنس سمٽ جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ وزيراعظم جي نجڪاري واري صلاحڪار محمد علي، ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب، خيبرپختونخواهه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي، البرڪه بئنڪ پاڪستان لميٽيڊ جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر محمد عاطف حنيف ۽ ٻين اهم شخصيتن شرڪت ڪئي. تقريب کي خطاب ڪندي وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته پاڪستان جي 60 سيڪڙو آبادي عورتن تي ٻڌل آهي، انهن جي معيشت ۾ شموليت سان ئي بهتري ممڪن آهي. هن چيو ته ملاله يوسفزئي ملڪ جو نالو روشن ڪيو ۽ نوبل انعام حاصل ڪيو. خيبرپختونخواهه ۾ سياحتي معيشت تمام گهڻي اهميت رکندڙ آهي. سياحت جي فروغ جي لاءِ سيڪيورٽي صورتحال ۾ بهتري انتهائي اهم آهي. سياحت ملڪ جو پرڏيهي ناڻو وڌائڻ جو بهترين ذريعو بڻجي سگهي ٿي. هن چيو ته خطي ۾ ڪاروبار جو تمام گهڻو پوٽينشل آهي، پاڪستان معاشي طور تي مستحڪم ٿي رهيو آهي، ڪاروبار جي لاءِ موقعا پيدا ٿي رهيا آهن، پاڪستان معاشي لحاظ کان صحيح رخ ۾ وڃي رهيو آهي. لوڪل ۽ انٽرنيشنل سيڙپڪار پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪري رهيا آهن. حڪومت سيڙپڪاري جي لاءِ سٺو ماحول ڏيڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي. هن چيو ته آءِ ٽي سيڪٽر ۾ به ترقي ڪري رهيو آهي، پاڪستان خطي ۾ تمام گهڻي اهم حيثيت رکي ٿو. هن چيو ته سياحت جي لاءِ سيڪيورٽي تمام ضروري آهي، دهشتگردي جي روڪٿام جي لاءِ اسان ڳالهه ٻولهه جو رستو اختيار ڪيو، جڏهن ڳالهه نه ٺهي ته پوءِ سختي جي راهه اختيار ڪئي وئي. دهشتگردي سان 2.5 ملين ماڻهو بي گهر ٿيا هئا جن کي ٻيهر آباد ڪيو ويو. هن چيو ته اسان هڪ آزاد ۽ خودمختيار افغانستان چاهيون ٿا، افغانستان جي سرزمين پاڪستان جي خلاف استعمال نه ٿيڻ گهرجي. تقريب کي خطاب ڪندي ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو ته معاشي استحڪام جي لاءِ لوڪلائيزيشن ضروري آهي. هن چيو ته معيشت ۾ نجي شعبي جو ڪردار تمام گهڻي اهميت رکندڙ آهي، ان جي لاءِ پرائيويٽ سيڪٽر کي اڳتي کڻي وڃڻو آهي ان جي لاءِ ٽيڪس ۾ سڌارن سان گڏ اڳتي وڌڻو پوندو. هن چيو ته لوڪل ۽ انٽرنيشنل سيڙپڪاري جي لاءِ پاليسي ۾ هم آهنگي هجڻ ضروري آهي. پرائيويٽائيزيشن جي عمل کي حڪومتي سطح تي بهتر بڻايو پيو وڃي ته جيئن سيڙپڪاري جا مثبت نتيجا نڪرن. هن چيو ته پاڪستان جي ترقي ۽ ڊيولپمينٽ پروگرام جي 4.3 ٽريلين رپين جي بجيٽ رکي وئي آهي. هن چيو ته مانيٽرنگ پاليسي سان معيشت ۾ بهتري ايندي. خام مال برآمد ڪرڻ ۾ درپيش مسئلن کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، ٽيڪس بيس کي وڌائڻ تي ڪم ڪري رهيا آهيون. ايف بي آر جو ڪم هاڻي رڳو ٽيڪس گڏ ڪرڻ هوندو، ايندڙ سال جي بجيٽ ٽيڪس پاليسي آفيس پاران ڏني ويندي. هن چيو ته فيصلو ڪيو ويو آهي ته ٻوڏ متاثر علائقن ۾ پنهنجي زور تي معاملن کي ٺيڪ ڪريون، ان کانپوءِ ٻين کان امداد گهري ويندي. روانگي واپار ۾ اضافي جي مدد سان ترقي ڪرڻ جي پاليسي تي ڪم ڪري رهيا آهيون، عوام ٽيڪس ڏيندو ته ترقي ٿيندي. تقريب کي خطاب ۾ وزيراعظم جي نجڪاري واري صلاحڪار محمد علي چيو ته آرٽيفيشل انٽيليجنس دنيا جو منظرنامو تبديل ڪري ڇڏيو آهي، اسان کي ان شعبي ۾ پنهنجي ڪارڪردگي کي بهتر بڻائڻ جي ضرورت آهي. پاڪستان جي معيشت مارڪيٽ بنياد تي هجڻ گهرجي جيڪا 24 ڪروڙ عوام جي نمائندگي ڪري. هن چيو ته ملڪ کي ترقي جي راهه تي گامزن ڪرڻ جي لاءِ ته پرائيويٽائيزيشن جي عمل کي شفافيت سان اڳتي وڌائڻ جي ضرورت آهي.











