اسلام آباد _ 02 - آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان اسرائيل پاران گلوبل صمود فلوٽيلا کي روڪڻ جي شديد مذمت ڪندي چيو آهي ته عالمي امدادي ڪارڪنن جي غيرقانوني حراست اسرائيل پاران عالمي ۽ انساني قانونن جي هڪ ٻي کليل خلاف ورزي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب اهو فلوٽيلا 40 کان وڌيڪ سويلين جهاز تي ٻڌل هو، جنهن ۾ اٽڪل 500 عالمي امدادي ڪارڪن سوار هئا …
پاڪستان اسرائيل پاران گلوبل صمود فلوٽيلا کي روڪڻ جي شديد مذمت

مزید خبریں
اسلام آباد _ 02 – آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان اسرائيل پاران گلوبل صمود فلوٽيلا کي روڪڻ جي شديد مذمت ڪندي چيو آهي ته عالمي امدادي ڪارڪنن جي غيرقانوني حراست اسرائيل پاران عالمي ۽ انساني قانونن جي هڪ ٻي کليل خلاف ورزي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب اهو فلوٽيلا 40 کان وڌيڪ سويلين جهاز تي ٻڌل هو، جنهن ۾ اٽڪل 500 عالمي امدادي ڪارڪن سوار هئا جيڪي غزه جي گهيري ۾ ورتل عوام تائين انتهائي ضروري انساني امداد پهچائڻ جي لاءِ وڃي رهيا هئا. بيان ۾ چيو ويو آهي ته عالمي ڪارڪنن جي غيرقانوني حراست اسرائيل پاران عالمي قانونن ۽ انساني قانونن جي هڪ ٻي کليل خلاف ورزي آهي، جنهن جي ڪري بيگناهه شهرين جون جانيون خطري ۾ اهن. اهو قدم اسرائيل جي جارحاڻي پاليسي ۽ غزه جي غيرقانوني ناڪابندي جو تسلسل آهي، جنهن جي ڪري ٻن ملين کان وڌيڪ فلسطيني عوام شديد مشڪلاتن ۽ محرومين جو شڪار آهي. انساني امداد کي روڪڻ اسرائيل پاران چوٿين جنيوا ڪنوينشن تحت لاڳو ذميوارين جي سنگين خلاف ورزي آهي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان هڪ ڀيرو ٻيهر مطالبو ڪري ٿو ته والاريل فلسطيني علائقن ۾ فوري، غيرمشروط ۽ مستقل جنگبندي ڪئي وڃي، غزه جي غيرقانوني ناڪابندي ختم ڪئي وڃي، فلسطيني عوام تائين انساني امداد جي بنا روڪ ٽوڪ فراهمي يقيني بڻائي وڃي، فلوٽيلا تي سوار سمورن ماڻهن کي انساني همدرديءَ تحت فوري طور تي آزاد ڪيو وڃي ۽ اسرائيل کي عالمي قانونن جي خلاف ورزين تي جوابده بڻايو وڃي. پاڪستان ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته هو فلسطيني عوام جي منصفاڻي جدوجهد جي ڀرپور حمايت جاري رکندو ته جيئن اهي پنهنجي فتح نه ٿيڻ جوڳي حق کي حاصل ڪري سگهن ۽ 1967ع کان اڳ جي سرحدن تي قائم هڪ آزاد، خودمختيار ۽ لڳولڳ فلسطيني رياست قائم ٿئي، جنهن جي گادي وارو شهر القدس الشريف هجي.











