پشاور _ 01 - آڪٽوبر (اي پي پي) وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني پشاور جو دورو ڪيو، هن قومي اتحاد، استحڪام ۽ ترقي جي تسلسل تي زور ڏنو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني جو گورنر هائوس پشاور پهچڻ تي شاندار استقبال ڪيو ويو. خيبرپختونخواهه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي، پيپلزپارٽي جي صوبائي صدر ۽ اسيمبلي ميمبرن وقتي صدر جو …
وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني جو پشاور جو دورو، قومي اتحاد، استحڪام ۽ ترقي جي تسلسل تي زور

مزید خبریں
پشاور _ 01 – آڪٽوبر (اي پي پي) وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني پشاور جو دورو ڪيو، هن قومي اتحاد، استحڪام ۽ ترقي جي تسلسل تي زور ڏنو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني جو گورنر هائوس پشاور پهچڻ تي شاندار استقبال ڪيو ويو. خيبرپختونخواهه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي، پيپلزپارٽي جي صوبائي صدر ۽ اسيمبلي ميمبرن وقتي صدر جو استقبال ڪيو. ان موقعي تي وقتي صدر کي خيبرپختونخواهه جي مجموعي سياسي ۽ امن امان جي صورتحال تي بريفنگ ڏني وئي. وقتي صدر قومي اتحاد، استحڪام ۽ ترقي جي تسلسل تي زور ڏنو. سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته گڏيل ترقي قومي هم آهنگي ۽ گڏيل تعاون سان ممڪن آهي. هلال احمر خيبرپختونخواهه جي چيئرمين فرزند علي وزير وقتي صدر کي روايتي پڳڙي پارائي.











