اسلام آباد _ 01 - آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جي سفارش تي صدر انساني همدرديءَ ۽ آئيني گهرجن جي بنياد تي عبدالباسط جي موت جي سزا معاف ڪري ڇڏي. وزيراعظم جي قيادت ۽ ان جي انصاف ۽ انساني همدرديءَ سان وابستگي ان فيصلي کي يقيني بڻائڻ ۾ بنيادي حيثيت رکي ٿي. قانون، انصاف ۽ انساني حقن وارو وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ پڻ ان عمل …
وزيراعظم جي سفارش تي صدر پاران انساني همدرديءَ ۽ آئيني گهرجن جي بنياد تي عبدالباسط جي موت جي سزا معاف

مزید خبریں
اسلام آباد _ 01 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جي سفارش تي صدر انساني همدرديءَ ۽ آئيني گهرجن جي بنياد تي عبدالباسط جي موت جي سزا معاف ڪري ڇڏي. وزيراعظم جي قيادت ۽ ان جي انصاف ۽ انساني همدرديءَ سان وابستگي ان فيصلي کي يقيني بڻائڻ ۾ بنيادي حيثيت رکي ٿي. قانون، انصاف ۽ انساني حقن وارو وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ پڻ ان عمل ۾ مسلسل سرگرم رهيو جڏهن ته انساني حقن واري وزارت پنجاب پريزن ڊپارٽمينٽ سان ويجهو رابطو رکندي معاملي کي پڄاڻي تائين پهچايو. انساني حقن واري وزارت پاران جاري پڌرائي موجب عبدالباسط جيڪو هڪ معذور (پيراليجڪ) قيدي هو، صدر پاران آئين جي آرٽيڪل 45 تحت ڏني ويندڙ معافي کانپوءِ اربع ڏينهن فيصل آباد سينٽرل جيل مان آزاد ڪيو ويو. سندس معذوري ۽ ڊگهي عرصي واري موت جي سزا جي قيدي جي ڪوٺڙي ۾ قيد رهڻ جي ڪري اهو معاملو بار بار انساني همدرديءَ جي تناظر ۾ اجاگر ڪيو ويو هو. وزيراعظم ۽ انساني حقن واري وفاقي وزير جي هدايت جي روشني ۾ انساني حقن واري پارلياماني سيڪريٽري صبا صادق اربع ڏينهن عبدالباسط جي آزادي جي موقعي تي فيصل آباد سينٽرل جيل پهتي. ان موقعي تي هن چيو ته هو وزيراعظم ۽ انساني حقن واري وفاقي وزير جي خصوصي هدايت تي عبدالباسط سان ملاقات جي لاءِ آئي آهي. هن مقتول جي وارثن سان همدرديءَ جو اظهار ڪندي چيو ته جيتوڻي ڪو قدم انهن جي ڏک کي گهٽ نه ٿو ڪري سگهي تنهن هوندي به هي فيصلو انصاف ۽ انسانيت جي انهن اصولن عڪاسي ڪري ٿو جن جي فروغ ۽ تحفظ جي رياست پابند آهي.











