وفاقي اسپتالن جي ملازمن لاءِ 2014ع کان منجمد ڪيل هيلٿ رسڪ الائونس جي بحالي جي حوالي سان اهم اڳڀرائي

اسلام آباد-01 آڪٽوبر (اي پي پي) وفاقي اسپتالن جي ملازمن لاءِ 2014ع کان منجمد ڪيل هيلٿ رسڪ الائونس جي بحالي جي حوالي سان اهم اڳڀرائي سامهون آئي آهي. صحت واري وزارت جي ترجمان مطابق ملازم گذريل ڪيترن ئي سالن کان ان الائونس جي بحالي جو مطالبو ڪري رهيا هئا. ترجمان جو چوڻ آهي ته صحت واري وفاقي وزير مصطفيٰ ڪمال، وفاقي سيڪرٽري حامد يعقوب سان گڏ ناڻي واري وزير سان ملاقات …

اسلام آباد-01 آڪٽوبر (اي پي پي) وفاقي اسپتالن جي ملازمن لاءِ 2014ع کان منجمد ڪيل هيلٿ رسڪ الائونس جي بحالي جي حوالي سان اهم اڳڀرائي سامهون آئي آهي. صحت واري وزارت جي ترجمان مطابق ملازم گذريل ڪيترن ئي سالن کان ان الائونس جي بحالي جو مطالبو ڪري رهيا هئا. ترجمان جو چوڻ آهي ته صحت واري وفاقي وزير مصطفيٰ ڪمال، وفاقي سيڪرٽري حامد يعقوب سان گڏ ناڻي واري وزير سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ ملازمن جي پراڻن ۽ جائز مطالبن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي. ملاقات دوران ناڻي واري وزير، هيلٿ رسڪ الائونس جي بحالي تي اصولي اتفاق ڪري ورتو آهي. ترجمان مطابق ان فيصلي جي حتمي منظوري لاءِ ناڻي واري وزارت جلد ئي وزيراعظم پاڪستان کي باقاعده سمري اماڻيندي. وفاقي اسپتالن جي ملازمن طرفان ان اڳڀرائي کي هاڪاري قدم قرار ڏنو پيو وڃي ۽ اميد ظاهر ڪئي پئي وڃي ته جلد کان جلد ان الائونس جي بحالي جو باضابطه نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويندو.

مزید خبریں