اسلام آباد-01 آڪٽوبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي بلوچستان ۾ ڀارتي سرپرستيءَ ۾ سرگرم دهشتگردن خلاف سيڪيورٽي فورسز جي ٻن ڪامياب آپريشنن تي جوانن کي خراجِ تحسين پيش ڪيو آهي. پنهنجي بيان ۾ گهرو وزير چيو ته سيڪيورٽي فورسز پنهنجي پيشيوراڻي صلاحيتن جو ڀرپور مظاهرو ڪندي 13 دهشتگردن کي ماري ڇڏيو ۽ دشمن جي ناپاڪ اِرادن کي مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيو. هن چيو ته سيڪيورٽي …
گهرو وفاقي وزير پاران بلوچستان ۾ ڀارتي سرپرستيءَ ۾ سرگرم دهشتگردن خلاف ڪامياب آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز کي خراجِ تحسين

مزید خبریں
اسلام آباد-01 آڪٽوبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي بلوچستان ۾ ڀارتي سرپرستيءَ ۾ سرگرم دهشتگردن خلاف سيڪيورٽي فورسز جي ٻن ڪامياب آپريشنن تي جوانن کي خراجِ تحسين پيش ڪيو آهي. پنهنجي بيان ۾ گهرو وزير چيو ته سيڪيورٽي فورسز پنهنجي پيشيوراڻي صلاحيتن جو ڀرپور مظاهرو ڪندي 13 دهشتگردن کي ماري ڇڏيو ۽ دشمن جي ناپاڪ اِرادن کي مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيو. هن چيو ته سيڪيورٽي فورسز جي بهادر جوانن کي سلام پيش ڪريان ٿو جن ملڪ ۾ امن جي قيام لاءِ نمايان قربانيون ڏنيون آهن ۽ ڪاميابيون حاصل ڪيون. محسن نقوي چيو ته بلوچستان ۾ امن جي قيام لاءِ سيڪيورٽي فورسز ڀارتي اسپانسرڊ دهشتگردن خلاف نمايان ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن ۽ اهو سلسلو جاري رهندو. هن واضح لفظن ۾ چيو ته ڀارتي سرپرستيءَ ۾ سرگرم دهشتگردن جي خاتمي لاءِ سيڪيورٽي فورسز جي آپريشن جو سلسلو جاري رهندو.











