پاڪستان ۽ آمريڪا جا لاڳاپا گڏيل خيرسگالي ۽ سهڪار جي فضا ۾ اڳتي وڌي رهيا آهن: وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ

اسلام آباد-01 آڪٽوبر (اي پي پي) انساني حقن واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ سان پاڪستان ۾ آمريڪا جي نگران ناظم الامور نٽالي بيڪر انساني حقن واري وزارت جي آفيس ۾ ملاقات ڪئي. وزارت مان جاري پڌرائي مطابق وفاقي وزير ان موقعي تي پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ مستحڪم حصيداري جي اهميت کي اجاگر ڪندي چيو ته ٻنهي ملڪن جا گڏيل لاڳاپا احترام ۽ اعتماد تي وڌي رهيا آهن. …

اسلام آباد-01 آڪٽوبر (اي پي پي) انساني حقن واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ سان پاڪستان ۾ آمريڪا جي نگران ناظم الامور نٽالي بيڪر انساني حقن واري وزارت جي آفيس ۾ ملاقات ڪئي. وزارت مان جاري پڌرائي مطابق وفاقي وزير ان موقعي تي پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ مستحڪم حصيداري جي اهميت کي اجاگر ڪندي چيو ته ٻنهي ملڪن جا گڏيل لاڳاپا احترام ۽ اعتماد تي وڌي رهيا آهن. هن اطمينان جو اظهار ڪيو ته وزيراعظم پاڪستان جي تازي واشنگٽن جي دوري، ٻنهي ملڪن وچ ۾ سياسي سمجهه کي وڌيڪ هٿي ڏني آهي ۽ ٻطرفي سهڪار جي نئين امڪانن کي روشن ڪيو آهي. ڌرين، پاڪ – آمريڪا لاڳاپن ۾ هاڻوڪي هاڪاري اڳڀرائي کي ساراهيو ۽ ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته گڏيل رابطن کي مسلسل ڳالهه ٻولهه، تعاون ۽ خيرسگالي جي بنياد تي وڌيڪ مضبوط بڻايو ويندو. ان موقعي تي علائقائي استحڪام، ترقي ۽ عوامي سطح تي لاڳاپن کي هٿي وٺرائڻ جي اهميت تي به زور ڀريو ويو. سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو ته پاڪستان آمريڪا سان پنهنجي دوستاڻي لاڳاپن کي انتهائي اهميت ڏئي ٿو ۽ سياسي، معاشي ۽ سماجي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ جو خواهشمند آهي. نٽالي بيڪر، ان موقعي تي ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته آمريڪا پاڪستان سان گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ تعاون جاري رکندو. ملاقات خوشگوار ۽ تعميري ماحول ۾ ٿي، جنهن ۾ پاڪستان ۽ آمريڪا جي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو ويو. 

مزید خبریں