اسلام آباد-01 آڪٽوبر (اي پي پي) ايشين ڪرڪيٽ ڪائونسل جي صدر ۽ پي سي بي جي چيئرمين محسن نقوي چيو آهي ته ڀارتي ميڊيا حقيقتن تي نه ڪوڙ تي هلي ٿي، ڪو غلط ڪم ناهي ڪيو، بي سي سي آءِ کان معافي نه گُهري آهي ۽ نه ئي گُهرندس. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ محسن نقوي چيو ته صدر اي سي سي جي حيثيت سان ان ڏينهن ٽرافي ڏيڻ لاءِ تيار هئس …
ڀارتي ميڊيا حقيقتن تي نه ڪوڙ تي هلي ٿي، ڪو غلط ڪم ناهي ڪيو، بي سي سي آءِ کان معافي نه گُهري آهي ۽ نه ئي گُهرندس: محسن نقوي

مزید خبریں
اسلام آباد-01 آڪٽوبر (اي پي پي) ايشين ڪرڪيٽ ڪائونسل جي صدر ۽ پي سي بي جي چيئرمين محسن نقوي چيو آهي ته ڀارتي ميڊيا حقيقتن تي نه ڪوڙ تي هلي ٿي، ڪو غلط ڪم ناهي ڪيو، بي سي سي آءِ کان معافي نه گُهري آهي ۽ نه ئي گُهرندس. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ محسن نقوي چيو ته صدر اي سي سي جي حيثيت سان ان ڏينهن ٽرافي ڏيڻ لاءِ تيار هئس ۽ اڄ به تيار آهيان جيڪڏهن هو واقعي وٺڻ چاهين ته واهه واهه، اچن ۽ اي سي سي جي آفيس مان مون کان وٺي وڃن. هن چيو ته بدقسمتيءَ سان ڀارتي ڪرڪيٽ به سياست جي وَر چڙهي وئي آهي جيڪا راند جي روح کي نقصان پهچائي رهي آهي.











