اسلام آباد _ 01 - آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ڪوئيٽا ۽ ڪيچ ضلعي ۾ فتنه الهندستان جي دهشتگردن جي خلاف ڪامياب ڪاررواين تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر آصف علي زرداري چيو ته فتنه الهندستان جي دهشتگردن جي خلاف سيڪيورٽي فورسز جي بهادري ۽ موثر ڪارروايون ساراهه جوڳيون آهن. صدر آصف علي زرداري …
صدر پاران ڪوئيٽا ۽ ڪيچ ضلعي ۾ فتنه الهندستان جي دهشتگردن جي خلاف ڪامياب ڪاررواين تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش

مزید خبریں
اسلام آباد _ 01 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ڪوئيٽا ۽ ڪيچ ضلعي ۾ فتنه الهندستان جي دهشتگردن جي خلاف ڪامياب ڪاررواين تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر آصف علي زرداري چيو ته فتنه الهندستان جي دهشتگردن جي خلاف سيڪيورٽي فورسز جي بهادري ۽ موثر ڪارروايون ساراهه جوڳيون آهن. صدر آصف علي زرداري چيو ته دهشتگردن جو مارجڻ ملڪ ۾ امن ۽ استحڪام جي لاءِ اهم ڪاميابي آهي. صدر آصف علي زرداري چيو ته قوم پنهنجي سيڪيورٽي اهلڪارن جي قربانين ۽ بهادري تي فخر ڪري ٿي. صدر چيو ته پاڪستان مان فتنه الهندستان جي ناپاڪ ارادن ۽ دهشتگردي جي مڪمل خاتمي جي لاءِ قومي عزم مضبوط آهي.











