لنڊن _ 01 - آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪوئيٽا ۽ ڪيچ ۾ فتنه الهندستان جي دهشتگردن جي خلاف ٻن مختلف ڪامياب ڪاررواين تي سيڪيورٽي فورسز کي شاباس ڏيندي چيو آهي ته ملڪ مان هر قسم جي دهشتگردي جي مڪمل خاتمي جي لاءِ پرعزم آهيون. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم انهن آپريشنز ۾ فتنه الهندستان جي 13 دهشتگردن کي مارڻ تي سيڪيورٽي …
وزيراعظم پاران ڪوئيٽا ۽ ڪيچ ۾ فتنه الهندستان جي دهشتگردن جي خلاف ٻن مختلف ڪامياب ڪاررواين تي سيڪيورٽي فورسز کي شاباس

مزید خبریں
لنڊن _ 01 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪوئيٽا ۽ ڪيچ ۾ فتنه الهندستان جي دهشتگردن جي خلاف ٻن مختلف ڪامياب ڪاررواين تي سيڪيورٽي فورسز کي شاباس ڏيندي چيو آهي ته ملڪ مان هر قسم جي دهشتگردي جي مڪمل خاتمي جي لاءِ پرعزم آهيون. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم انهن آپريشنز ۾ فتنه الهندستان جي 13 دهشتگردن کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته اسان جي سيڪيورٽي فورسز جا بهادر جوان پنهنجي جانين جي پرواهه نه ڪندي دهشتگردن جي خلاف ڪارروايون ڪري رهيا آهن ۽ ملڪ جي حفاظت يقيني بڻائي رهيا آهن. هن چيو ته دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ پوري قوم سيڪيورٽي فورسز سان گڏ بيٺل آهي.











