اسلام آباد-01 آڪٽوبر (اي پي پي) اسلام آباد ۾ ڊينگي جا وڌيڪ 56 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن. سرڪاري انگن اکرن مطابق وفاقي گادي واري شهر جي ڀرپاسي وارن ڳوٺن مان 37 ۽ شهري علائقن مان 19 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن ۽ 27 مريض مختلف اسپتالن ۾ علاج هيٺ آهن. 1170 هنڌن تي ڊينگي جي روڪٿام بابت معائنو، 23 هاٽ اسپاٽس جي نشاندهي پڻ ڪئي وئي. 40 هزار کان وڌيڪ ڊينگي …
اسلام آباد ۾ ڊينگي جا وڌيڪ 56 ڪيس رپورٽ

مزید خبریں
اسلام آباد-01 آڪٽوبر (اي پي پي) اسلام آباد ۾ ڊينگي جا وڌيڪ 56 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن. سرڪاري انگن اکرن مطابق وفاقي گادي واري شهر جي ڀرپاسي وارن ڳوٺن مان 37 ۽ شهري علائقن مان 19 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن ۽ 27 مريض مختلف اسپتالن ۾ علاج هيٺ آهن. 1170 هنڌن تي ڊينگي جي روڪٿام بابت معائنو، 23 هاٽ اسپاٽس جي نشاندهي پڻ ڪئي وئي. 40 هزار کان وڌيڪ ڊينگي جي خاتمي لاءِ سرگرميون انجام ڏنيون ويون. 59 مريضن جي گهرن ۽ 3 هزار کان وڌيڪ هنڌن جي ڀرپاسي اسپري ڪيو ويو. شهرين کي پنهنجي گهرن ۾ پاڻي جمع نه ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.











