ايف آءِ اي، اين سي بي انٽرپول جي ڪارروائي، قتل ۾ گهربل اشتهاري جوابدار سعودي عرب مان گرفتار

اسلام آباد-01 آڪٽوبر (اي پي پي) ايف آءِ اي، اين سي بي انٽرپول ڪارروائي ڪندي شهري جي قتل ۾ گهربل اشتهاري جوابدار کي سعودي عرب مان گرفتار ڪري ورتو. ايف آءِ اي ترجمان مطابق جوابدار ساجن خان کي سعودي عرب مان گرفتار ڪري اسلام آباد ايئرپورٽ منتقل ڪيو ويو آهي. گرفتار جوابدار گذريل 2 سال کان پنجاب پوليس کي گهربل هو. جوابدار خلاف قتل جي قلم تحت ساهيوال ٿاڻي تي …

اسلام آباد-01 آڪٽوبر (اي پي پي) ايف آءِ اي، اين سي بي انٽرپول ڪارروائي ڪندي شهري جي قتل ۾ گهربل اشتهاري جوابدار کي سعودي عرب مان گرفتار ڪري ورتو. ايف آءِ اي ترجمان مطابق جوابدار ساجن خان کي سعودي عرب مان گرفتار ڪري اسلام آباد ايئرپورٽ منتقل ڪيو ويو آهي. گرفتار جوابدار گذريل 2 سال کان پنجاب پوليس کي گهربل هو. جوابدار خلاف قتل جي قلم تحت ساهيوال ٿاڻي تي ڪيس داخل هو. ايف آءِ اي، اين سي بي انٽرپول جوابدار جي گرفتاري لاءِ ريڊ نوٽيس جاري ڪيو هو. جوابدار کي بعد ۾ ايف آءِ اي اميگريشن اسلام آباد، پنجاب پوليس جي اختيارين جي حوالي ڪري ڇڏيو. جوابدار جي حوالگي انٽرپول اسلام آباد جي انٽرپول رياض سان ويجهي رابطه ڪاري سبب ممڪن ٿي. 

مزید خبریں