پاڪستان ۾ ساليانو 40 هزار کان وڌيڪ عورتون ڇاتيءَ جي ڪينسر جي ڪري موت جي ور چڙهي وڃن ٿيون: خاتون اول بي بي آصفه ڀٽو زرداري

اسلام آباد _ 01 - آڪٽوبر (اي پي پي) خاتون اول بي بي آصفه ڀٽو زرداري چيو آهي ته پاڪستان ۾ ساليانو 40 هزار کان وڌيڪ عورتون ڇاتيءَ جي ڪينسر جي ڪري موت جي ور چڙهي وڃن ٿيون. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب خاتون اول ڪينسر بابت آگاهي جي مهيني جي موقعي تي هڪ وڊيو پيغام ۾ چيو ته ملڪ ۾ هر سال 90 هزار کان …

اسلام آباد _ 01 – آڪٽوبر (اي پي پي) خاتون اول بي بي آصفه ڀٽو زرداري چيو آهي ته پاڪستان ۾ ساليانو 40 هزار کان وڌيڪ عورتون ڇاتيءَ جي ڪينسر جي ڪري موت جي ور چڙهي وڃن ٿيون. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب خاتون اول ڪينسر بابت آگاهي جي مهيني جي موقعي تي هڪ وڊيو پيغام ۾ چيو ته ملڪ ۾ هر سال 90 هزار کان وڌيڪ عورتن ۾ ڇاتيءَ جي ڪينسر جي ڪري تشخيص ٿئي ٿي. خاتون اول چيو ته عورتون پاڻ معائني جو هڪ سادو طريقو اختيار ڪن. بريسٽ ڪينسر جي اسڪريننگ هزارين زندگيون بچائي سگهي ٿي. هن چيو ته پاڪستان ۾ ڇاتيءَ جي ڪينسر جي مريضن جي اڪثر وقت تي دير سان تشخيص ٿئي ٿي، وقت سر تشخيص ۽ صحيح علاج سان ان مرض جي بچاءُ جي شرح 90 سيڪڙو کان وڌيڪ آهي. بي بي آصفه ڀٽو زرداري ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پنهنجي صحت کي اهميت ڏيو، خاموشيون ٽوڙيو ۽ آگاهي ڦهلايو. هن چيو ته اسان گڏجي زندگيون بچائي سگهون ٿا ۽ هڪ صحتمند مضبوط پاڪستان بڻائي سگهون ٿا.

مزید خبریں