نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ اجلاس

اسلام آباد _ 01 - آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ هڪ اجلاس ٿيو جنهن ۾ علائقائي ملڪن سان تعاون وڌائڻ جي طريقن جو جائزو ورتو ويو. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ ڳالهه ٻولهه جو محور واپار، ڪامرس، ڪنيڪٽيويٽي، توانائي ۽ عوام سان عوام جي مٽاسٽا ۾ تعاون کي مضبوط بڻائڻ تي رهيو. نائب وزيراعظم سينيٽر محمد …

اسلام آباد _ 01 – آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ هڪ اجلاس ٿيو جنهن ۾ علائقائي ملڪن سان تعاون وڌائڻ جي طريقن جو جائزو ورتو ويو. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ ڳالهه ٻولهه جو محور واپار، ڪامرس، ڪنيڪٽيويٽي، توانائي ۽ عوام سان عوام جي مٽاسٽا ۾ تعاون کي مضبوط بڻائڻ تي رهيو. نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اسحاق ڊار ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪستان علائقائي ترقي ۽ گڏيل ڀلائي کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ گڏيل فائديمند تعاون کي جاري رکندو. اجلاس ۾ پيٽروليم واري وفاقي وزير علي پرويز ملڪ، وزيراعظم جي خاص معاون ايم طارق باجوه، اٽارني جنرل منصور اعواڻ، ناڻي واري وزارت ۽ لاڳاپيل ادارن جي اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.

مزید خبریں