اسلام آباد _ 01 - آڪٽوبر (اي پي پي) اسپيشل جج سينٽرل همايون دلاور اي پي پي ميگا ڪرپشن ڪيس ۾ گرفتار 6 نامزد جوابدارن جي گرفتاري کانپوءِ ضمانت واري درخواست خارج ڪري ڇڏي. عدالت جوابدار محمد غواث، جوابدار ادريس چوڌري، جوابدار ساجد علي وڙائچ، جوابدار عمران منير، جوابدار خرم شهزاد ۽ جوابدار طاهر گهمن جي گرفتاري کانپوءِ ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. ان موقعي تي اي پي پي …
اي پي پي ميگا ڪرپشن ڪيس ۾ گرفتار 6 نامزد جوابدارن جي گرفتاري کانپوءِ ضمانت واري درخواست خارج

مزید خبریں
اسلام آباد _ 01 – آڪٽوبر (اي پي پي) اسپيشل جج سينٽرل همايون دلاور اي پي پي ميگا ڪرپشن ڪيس ۾ گرفتار 6 نامزد جوابدارن جي گرفتاري کانپوءِ ضمانت واري درخواست خارج ڪري ڇڏي. عدالت جوابدار محمد غواث، جوابدار ادريس چوڌري، جوابدار ساجد علي وڙائچ، جوابدار عمران منير، جوابدار خرم شهزاد ۽ جوابدار طاهر گهمن جي گرفتاري کانپوءِ ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. ان موقعي تي اي پي پي پاران ناليوارا قانوندان خرم بيگ ايڊووڪيٽ، روحيل اصغر ايڊووڪيٽ ۽ حسنين حيدر ٿهيم عدالت ۾ پيش ٿيا. ٻڌڻي دوران معزز جج پڇاڻو ڪيو ته ڪهڙن ڪهڙن جوابدارن جي اڪائونٽس ۾ رقم منتقل ٿي آهي جنهن تي ايف آءِ اي ٻڌايو ته رڳو ٽن سالن جي عرصي دوران اڳوڻي اڪائونٽنٽ مئنيجر ارشد مجيد چوڌري جي اڪائونٽ ۾ 8 ڪروڙ رپيا جنهن ۾ 6 ڪروڙ رپيا پگهار جي مد ۾ ويا، اهڙي طرح اڳوڻي ڪيشيئر اظهر فاروق جي اڪائونٽ ۾ پڻ اٽڪل 9 ڪروڙ رپيا منتقل ٿيا. ٻڌڻي دوران اي پي پي جي وڪيل روحيل اصغر عدالت کي ٻڌايو ته اسان بئنڪ کان تصديق ٿيل رڪارڊ ايف آءِ اي ۾ جمع ڪرايو آهي جنهن سان اهو ثابت ٿئي ٿو ته جوابدار ڪرنٽ اڪائونٽ، پي ايف اڪائونٽ سميت اي پي پي جي ٻين اڪائونٽ مان مجاز اٿارٽي جي منظوري کانسواءِ رقم منتقل ڪندا رهيا. هن عدالت کي ٻڌايو ته ڄاڻايل ايف آءِ آر جي سمورن 16 جوابدارن جي پاڻ ۾ ملي ڀڳت آهي، ڪجهه جوابدارن جي اڪائونٽس ۾ پئسا ويا جن کي ڪڍرائي سڀني گڏجي ورهايو آهي. اي پي پي جي وڪيل خرم بيگ موقف اختيار ڪيو ته اي پي پي جي سيلري اڪائونٽ ۾ هڪ نالو اي ايڇ ايس جيڪو جعلي آهي ان جي سڃاڻپ ڪارڊ نمبر مان خبر پوي ٿي ته هو ارشد مجيد چوڌري جو آءِ ڊي ڪارڊ آهي جنهن اڪائونٽ ۾ غيرقانوني طريقي سان رقم منتقل ڪئي وئي آهي. هن موقف اختيار ڪيو ته آڊٽ ڪندڙ جوابدار به برابر جا شريڪ آهن ڇو ته ٽن سالن دوران ڪروڙين رپيا غيرقانوني طور تي منتقل ٿيندا رهيا جنهن جي نه ته انهن آڊٽ ڪئي ۽ نه ئي مجاز اٿارٽي کي لکيو جنهن سان انهن جي بدنيتي ظاهر ٿئي ٿي. اي پي پي جي وڪيل حسنين حيدر ٿهيم موقف اختيار ڪيو ته محمد غواث جيڪو اڳوڻو ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر رهيو آهي جنهن جي صحيحن سان ڪروڙين رپيا غيرقانوني طور تي منتقل ٿيا آهن، هن اي جي پي آر کي رقم جاري ڪرڻ جي لاءِ خط پڻ لکيو هو، اهو به ان ۾ برابر جو شريڪ آهي. هن عدالت کي ٻڌايو ته اداري ايف ايف سي جي رپورٽ ۾ پڻ جوابدارن کي قصوروار قرار ڏنو آهي. ٻڌڻي دوران جوابدار ادريس چوڌري جو وڪيل اي پي پي جي مئنيجر ليگل کي مخاطب ڪري ڳالهائڻ لڳو ته معزز جج کيس ٽوڪيندي چيو ته مون وٽ ايترو وقت نه آهي، توهان پنهنجي ڪلائنٽ بابت ٻڌايو. ادريس چوڌري ۽ طاهر گهمن جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته پگهار ٺاهيندڙ وائوچر تي ارشد مجيد چوڌري ۽ محمد غواث صحيحون ڪندا هئا جنهن تي اي پي پي جي وڪيل روحيل اصغر ٻڌايو ته هي ٻئي آڊٽ آفيسر هئا ۽ سڀ کان وڌيڪ ذميواري انهن جي ئي ٿئي ٿي، اهي ٻئي پاڻ ۾ مليل آهن، ڪريڊٽ شيٽ ۽ وائوچر تي انهن جون صحيحون موجود آهن، هي آڊٽ جا ملازم هئا انهن هر مهيني ڪهڙي آڊٽ ڪئي، بئنڪ جي ڪريڊٽ شيٽ جي ذريعي آڊٽ ڪرڻ انهن جي ذميواري هئي، انهن تي ناقابل ضمانت شق 409 لڳي ٿي تنهن ڪري انهن جي ضمانت جي درخواست خارج ڪئي وڃي، ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر سميت سمورا جوابدار مليل هئا، اهي مئنيجنگ ڊائريڪٽر جي منظوري کانسواءِ ئي پئسا ڪڍرائيندا هئا. روحيل اصغر ايڊووڪيٽ چيو ته جوابدار ادريس چوڌري ساڍا ٽي ڪروڙ جي وائوچر تي صحيحون ڪيون. اي پي پي جي وڪيل حسنين حيدر ٿهيم چيو ته سمورن جوابدارن پاڻ ۾ پئسا ورهايا آهن جنهن تي معزز جج چيو ته ڪجهه ماڻهن ۾ ورهايا هوندا جنهن تي حسنين حيدر ٿهيم ٻيهر چيو ته پئسا سڀني ۾ ورهايا ويا آهن. هن چيو ته پراويڊنٽ فنڊ جيڪو ملازمن جي پينشن جي لاءِ مخصوص هوندو آهي ان مان مجاز اٿارٽي جي منظوري کانسواءِ رقم غيرقانوني طريقي سان ٻين اڪائونٽس ۾ منتقل ڪئي وئي. هن چيو ته هي عوامي مفاد جو معاملو آهي ان کان اڳ اهو پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي ۾ پڻ بحث هيٺ اچي چڪو آهي. اي پي پي جي ملازمن جا ڪروڙين رپيا ڦريا ويا آهن جنهن ۾ سمورا جوابدار برابر جا شريڪ آهن، ڪجهه جوابدارن جي منظوري ۽ خاموشي اهو ثابت ڪري ٿي ته انهن پئسا وصول ڪيا آهن. اي پي پي جي وڪيل ٻڌايو ته جوابدار خرم شهزاد پراويڊنٽ فنڊ جو انچارج رهيو آهي، سندس صحيحن سان ساڍا 9 ڪروڙ رپين جا چيڪ جاري ڪيا ويا آهن. اي پي پي جي وڪيل ٻڌايو ته ساجد علي وڙائچ اڪائونٽ مئنيجر ۽ ان کان اڳ اسسٽنٽ مئنيجر سيلري جي عهدي تي مقرر رهيو آهي ۽ انچارج پي ايف جي عهدي تي مقرر رهيو آهي، سندس دور ۾ پڻ مالي بدعنواني ثابت ٿئي ٿي. ٻڌڻي جي موقعي تي جوابدار عمران منير ۽ ساجد علي وڙائچ پاران فرحت چوڌري ايڊووڪيٽ، ادريس احمد ۽ طاهر گهمڻ پاران ارشد علي گورسي سميت ٻين جوابدارن جا وڪيل عدالت ۾ پيش ٿيا. عدالت ڌرين جا دليل مڪمل ٿيڻ تي فيصلو محفوظ ڪيو. بعد ۾ عدالت فيصلو ٻڌائيندي سمورن 6 جوابدارن جي ضمانت جي درخواست خارج ڪري ڇڏي. واضح رهي ته اي پي پي ميگا ڪرپشن ڪيس ۾ 7 جوابدار اڊيالا جيل ۾ قيد آهن جن ۾ ڄاڻايل 6 جوابدارن گرفتاري کانپوءِ ضمانت واري درخواست داخل ڪئي هئي. اها ڳالهه ذڪر جوڳي آهي ته وفاقي جاچ اداري (ايف آءِ اي) ڪروڙين رپين جي ڪرپشن ڪرڻ جي الزام ۾ 16 جوابدارن جي خلاف ڪيس داخل ڪري ڪارروائي شروع ڪئي هئي.











