اسلام آباد -01 آڪٽوبر (اي پي پي)پاڪستان قرضن جي وقت تي معياري ادائگين کي يقيني بڻائڻ واري پاليسي تحت 500 ملين ڊالرن جي عالمي يورو بانڊز جي وقت سر ادائگي ڪري ڇڏي آهي. ناڻي واري صلاحڪار خرم شهزاد سماجي رابطن واري ويب سائيٽ تي جاري پيغام ۾ چيو آهي، ته پاڪستان 30 سيپٽمبر 2025ع تي ميچور ٿيڻ وارن يورو بانڊز جي وقت تي ادائگي ڪري ڇڏي آهي. اهي بانڊ 2015ع …
پاڪستان500 ملين ڊالرن جي عالمي يورو بانڊز جي وقت تي ادائگي ڪري ڇڏي آهي: ناڻي وارو صلاحڪار خرم شهزاد

مزید خبریں
اسلام آباد -01 آڪٽوبر (اي پي پي)پاڪستان قرضن جي وقت تي معياري ادائگين کي يقيني بڻائڻ واري پاليسي تحت 500 ملين ڊالرن جي عالمي يورو بانڊز جي وقت سر ادائگي ڪري ڇڏي آهي. ناڻي واري صلاحڪار خرم شهزاد سماجي رابطن واري ويب سائيٽ تي جاري پيغام ۾ چيو آهي، ته پاڪستان 30 سيپٽمبر 2025ع تي ميچور ٿيڻ وارن يورو بانڊز جي وقت تي ادائگي ڪري ڇڏي آهي. اهي بانڊ 2015ع ۾ عالمي سيڙپڪارن لاءِ 10 سالن جي عرصي لاءِ جاري ڪيا ويا هئا جن جي مقرره وقت تي ادائگي ڪئي وئي آهي. هن چيو ته يورو بانڊ جي وقت تي ادائگي ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته پاڪستان مالياتي نظم و ضبط ۽ ان حوالي سان پاليسين تي ڀرپور ڌيان ڏئي رهيو آهي. هن جو چوڻ هو ته اهي ادائگيون اهڙي وقت تي ٿيون آهن جڏهن مٽاسٽا وارن ناڻي جي ذخيرن ۽ ڪيش جي صورتحال بهتر آهي ۽ ان سان پرڏيهي مالياتي دٻاءَ جو مقابلو ڪرڻ ۾ مدد ملي رهي آهي. خرم شهزاد چيو ته پاڪستان جي خودمختار ڪريڊٽ ريٽنگ جي بحالي ۽ سيڙپڪارن جي اعتماد ۾ اضافو ٿيو جنهن جي عڪاسي بانڊز جي وقت تي ادائگين سان ٿي رهي آهي. هن چيو ته جي ڊي پي جي شرح سان قرضن جي ڳاڻيٽي ۾ به گهٽتائي آئي آهي. مالي سال 2020ع ۾ جي ڊي پي جي شرح سان قرضن جو ڳاڻيٽو 77 سيڪڙو هو جيڪو مالي سال 2025ع ۾ 70 سيڪڙو ٿي ويو آهي. هن جو چوڻ هو ته مجموعي قرضن ۾ پرڏيهي قرضن جي شرح مالي سال 2025ع ۾ 38 سيڪڙو کان گهٽ ٿي 32 سيڪڙو ٿي وئي. ان سان گڏوگڏ قرضن جي خرچن ۽ اضافي جي رفتار گذريل سالن جي ڀيٽ ۾ معتدل رهي. خرم شهزاد ٻڌايو ته عالمي سطح تي وياج جي شرح ۾ گهٽتائي جا امڪان ۽ ملڪ ۾ بنيادي معاشي اهڃاڻن ۾ بهتري جي نتيجي ۾ پاڪستان عالمي مالياتي مارڪيٽن ۾ بهتر شرطن تي رسد حاصل ڪري سگهي ٿو جيڪا ملڪ جي قرضن جي حوالي سان ساک ۽ اعتماد لاءِ هڪ هاڪاري علامت آهي.











