وفاقي وزير احسن اقبال پاران چين جي قومي ڏينهن تي چيني قيادت ۽ عوام کي مبارڪون

اسلام آباد -01 آڪٽوبر (اي پي پي) رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال پاڪستان حڪومت ۽ پاڪستاني عوام طرفان عوامي جمهوريه چين جي قيادت ۽ عوام کي چين جي قومي ڏينهن جي موقعي تي دل جي گهرائين سان مبارڪون ڏنيون آهن. پنهنجي بيان ۾ وفاقي وزير چيو ته هي ڏينهن چين جي اتحاد، استقامت ۽ ترقي جي ان شاندار سفر جي علامت آهي جنهن …

اسلام آباد -01 آڪٽوبر (اي پي پي) رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال پاڪستان حڪومت ۽ پاڪستاني عوام طرفان عوامي جمهوريه چين جي قيادت ۽ عوام کي چين جي قومي ڏينهن جي موقعي تي دل جي گهرائين سان مبارڪون ڏنيون آهن. پنهنجي بيان ۾ وفاقي وزير چيو ته هي ڏينهن چين جي اتحاد، استقامت ۽ ترقي جي ان شاندار سفر جي علامت آهي جنهن چين کي دنيا ۾ ترقي ۽ استحڪام جو مينار بڻايو آهي. هن چيو ته پاڪستان کي فخر آهي ته هو چين جو بهترين ڀاءُ ۽ هر حال جو اسٽريٽجڪ شراڪتدار آهي، اسان جي دوستي اعتماد ۽ گڏيل خوابن تي ٻڌل آهي جيڪا هر ڏينهن وڌيڪ مضبوط ٿي رهي آهي. هن چيو ته جڏهن اسان سي پيڪ فيز ٽو ۽ بيلٽ اينڊ روڊ انيشيٽو تحت گڏيل سهڪار کي وڌيڪ اڳيان وڌائي رهيا آهيون ته اسان هڪ گڏيل خوشحال مستقبل جي عزم کي ورجايون ٿا. هن چين جي وڌيڪ ترقي ۽ پاڪستان چين جي دوستي هميشه قائم ۽ دائم رهڻ جي دعا به ڪئي.

مزید خبریں