اسلام آباد -01 آڪٽوبر (اي پي پي) ريلوي ۽ ناڻي بابت مملڪتي وزير بلال اظهر ڪيانيءَ ابوظهبي ۾ گڏيل عرب امارات جي صدر محمد بن زايد النهيان سان صدارتي محل قصر البحر ۾ ملاقات ڪئي جنهن ۾ پاڪستان ۽ يو اي اي وچ ۾ ڀائراڻن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. جاري ڪيل پڌرائي موجب ملاقات دوران مملڪتي وزير، وزيراعظم محمد شهباز شريف طرفان يو اي …
ريلوي واري مملڪتي وزير جي يو اي اي جي صدر سان ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد -01 آڪٽوبر (اي پي پي) ريلوي ۽ ناڻي بابت مملڪتي وزير بلال اظهر ڪيانيءَ ابوظهبي ۾ گڏيل عرب امارات جي صدر محمد بن زايد النهيان سان صدارتي محل قصر البحر ۾ ملاقات ڪئي جنهن ۾ پاڪستان ۽ يو اي اي وچ ۾ ڀائراڻن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. جاري ڪيل پڌرائي موجب ملاقات دوران مملڪتي وزير، وزيراعظم محمد شهباز شريف طرفان يو اي اي جي قيادت ۽ عوام لاءِ نيڪ تمنائن ۽ خيرسگالي وارو پيغام پهچايو ۽ صدر محمد بن زايد النهيان کي پاڪستان جي دوري جي باضابطا دعوت به ڏني. يو اي جي صدر جوابي خيرسگالي جي جذبن جو اظهار ڪندي وزيراعظم ۽ پاڪستاني عوام لاءِ نيڪ خواهشن جو پيغام ڏنو. ملاقات ۾ ٻه طرفه لاڳاپن کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ، گڏيل تعاون کي هٿي وٺائڻ ۽ خطي ۾ ترقي ۽ استحڪام جي گڏيل عزم تي زور ڀريو. مملڪتي وزير بلال اظهر ڪيانيءَ وزيراعظم جي هدايت تي ابوظهبي ۾ جاري عالمي ريل ٽرانسپورٽ انفراسٽرڪچر نمائش ۽ ڪانفرنس ۾ به شريڪ ٿيو جيڪو ابوظهبي نيشنل ايگزيبيشن سينٽر ۾ اتحاد ريل جي انتظام هيٺ منعقد ڪيو پيو وڃي.











