عوامي جمهوريه چين جي حڪومت ۽ عوام کي 76هين قومي ڏينهن جي موقعي تي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو: صدر آصف علي زرداري

اسلام آباد _ 01 – آڪٽوبر ( اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته عوامي جمهوريه چين جي حڪومت ۽ عوام کي 76هين قومي ڏينهن جي موقعي تي دل جي گهرائين سان مبارڪباد پيش ڪريان ٿو، پاڪستان جي عوام پنهنجي چيني ڀائرن ۽ ڀينرن سان گڏ ان ڏينهن جون خوشي ملهائي ٿي جيڪو چين جي شاندار سفر ترقي، اتحاد ۽ قومي اڳڀرائي جي علامت آهي. ايوان صدر …

اسلام آباد _ 01 – آڪٽوبر ( اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته عوامي جمهوريه چين جي حڪومت ۽ عوام کي 76هين قومي ڏينهن جي موقعي تي دل جي گهرائين سان مبارڪباد پيش ڪريان ٿو، پاڪستان جي عوام پنهنجي چيني ڀائرن ۽ ڀينرن سان گڏ ان ڏينهن جون خوشي ملهائي ٿي جيڪو چين جي شاندار سفر ترقي، اتحاد ۽ قومي اڳڀرائي جي علامت آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب چين جي قومي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ صدر چيو ته صدر شي جن پنگ جي دُور انديش قيادت چين کي عالمي اثر رسوخ ۽ پائيدار ترقي جي نئين سرحدن تائين پهچايو آهي، عوامي مرڪزيت تي ٻڌل حڪمراني، گڏيل خوشحالي جي لاءِ جرئتمنداڻي قدمن ۽ سڄي دنيا جي انسان جي گڏيل مستقبل جي ڪميونٽي جي تصور جي ان جي وڪالت نه رڳو چيني قوم پر انهن سڀني جي لاءِ تحريڪ جو سبب آهي جيڪي وڌيڪ جامع ۽ تعاون تي ٻڌل دنيا تي يقين رکن ٿا. هن چيو ته هر گذرندڙ سال سان گڏ اسان جي گهڻ رخي ۽ وقت جي آزمايل دوستي وڌيڪ مضبوط ٿي رهي آهي. چين جي تازي دورن جي دوران اسان جي واپاري ۽ بنيادي ڍانچي جي رابطن جي فروغ ۽ اسٽريٽجڪ سلامتي جي تعاون جي عزم کي وڌيڪ سگهه ملي. صدر چيو ته منهنجي خواهش آهي ته عوامي رابطا جيڪي سائنس، تعليم، ٽيڪنالاجي ۽ ثقافت ۾ تعاون سان ڳنڍيل آهن، وڌيڪ مضبوط ٿين ڇو ته اهي ئي اسان جي پائيدار حصيداري جو بنياد آهن. هن چيو ته ان خوشي جي موقعي تي صدر شي جن پنگ جي مسلسل ڪاميابي ۽ چين جي ڀائر عوام جي خوشحالي ۽ خوشي جي لاءِ پنهنجي نيڪ خواهشن جو اظهار ڪريان ٿو، اسان جي دوستي ايندڙ سالن ۾ وڌيڪ وڌندي. پاڪستان – چين دوستي زندهه آباد.

مزید خبریں