اسلام آباد _ 01 – آڪٽوبر ( اي پي پي) خاتون اول بي بي آصفه ڀٽو زرداري سڄي ملڪ جي عورتن تي زور ڏنو آهي ته اهي ڇاتيءَ جي ڪينسر کي سنجيدگي سان وٺن ۽ پنهنجي صحت ۽ ڀلائي کي اولين ترجيح ڏين. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب ڇاتيءَ جي ڪينسر بابت آگاهي جي مهيني جي شروعات تي پنهنجي پيغام ۾ بي بي آصفه ڀٽو زرداري …
عورتون ڇاتيءَ جي ڪينسر کي سنجيدگي سان وٺن ۽ پنهنجي صحت ۽ ڀلائي کي اولين ترجيح ڏين: خاتون اول بي بي آصفه ڀٽو زرداري

مزید خبریں
اسلام آباد _ 01 – آڪٽوبر ( اي پي پي) خاتون اول بي بي آصفه ڀٽو زرداري سڄي ملڪ جي عورتن تي زور ڏنو آهي ته اهي ڇاتيءَ جي ڪينسر کي سنجيدگي سان وٺن ۽ پنهنجي صحت ۽ ڀلائي کي اولين ترجيح ڏين. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب ڇاتيءَ جي ڪينسر بابت آگاهي جي مهيني جي شروعات تي پنهنجي پيغام ۾ بي بي آصفه ڀٽو زرداري چيو ته ڇاتيءَ جو ڪينسر پاڪستان ۾ عورتن ۾ سڀ کان وڌيڪ عام مرض آهي ۽ هر 9 مان هڪ عورت پنهنجي زندگي ۾ ان بيماري جي خطري ۾ آهي. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته وقت سر تشخيص زندگيون بچائي سگهي ٿي ۽ جيڪڏهن مرض جي نشاندهي ۽ علاج وقت تي ٿئي ته بقاءَ جي شرح 90 سيڪڙو تائين ٿي سگهي ٿي. هن عورتن کي تاڪيد ڪئي ته اهي باقاعدگي سان پاڻ معائنو ڪن، 30 سالن جي عمر کانپوءِ ڪلينڪل معائنو ڪرائين، 40 سالن جي عمر کانپوءِ ميموگرافي ڪرائين ۽ ڪنهن به غيرمعمولي علامت جي صورت ۾ فوري طور تي ڊاڪٽر سان رجوع ڪن. هن صحتمند طرز زندگي اختيار ڪرڻ جي اهميت تي پڻ زور ڏنو ته جيئن ان مرض جي خطرن کي گهٽ ڪري سگهجي. خاتون اول ان ڳالهه کي ساراهيو ته ڪيتريون ئي تنظيمون، ڊاڪٽرز، نرسون، رضاڪار ۽ ڪميونٽي گروپس سالن کان عورتن ۾ آگاهي پيدا ڪرڻ ۽ ڇاتيءَ جي ڪينسر سان وڙهندڙ عورتن جي مدد جي لاءِ سرگرم آهن. هن چيو ته انهن جي خدمت اعتراف ۽ تحسين جي مستحق آهي. گڏيل ذميواري تي زور ڏيندي بي بي آصفه ڀٽو زرداري چيو ته خاندان، برادريون ۽ معاشرو مجموعي طور تي عورتن سان گڏ بيهي ۽ انهن کي وقت سر طبي سهولتن جي لاءِ مدد ڪري. هن چيو ته جيڪڏهن اسان آگاهي ۽ علاج جي ذريعي هڪ ماءُ، هڪ ڀيڻ يا هڪ ڌيءَ جي جان بچائي ورتي ته اصل ۾ اسان نسلن کي بچائي رهيا آهيون.











