اردن، گڏيل عرب امارات، انڊونيشيا، پاڪستان، ترڪيه، سعودي عرب، قطر ۽ مصر جي پرڏيهي وزيرن پاران غزه ۾ جنگ جي خاتمي لاءِ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي مخلصاڻي ڪوششن جي واکاڻ

اسلام آباد _ 30 سيپٽمبر ( اي پي پي) اردن، گڏيل عرب امارات، انڊونيشيا، پاڪستان، ترڪيه، سعودي عرب، قطر ۽ مصر جي پرڏيهي وزيرن غزه ۾ جنگ جي خاتمي جي لاءِ آمريڪي صدر ڊونلڊ جي ٽرمپ جي مخلصاڻي ڪوششن کي ساراهيندي چيو آهي ته آمريڪي صدر امن جي راهه ڳولڻ جي صلاحيت رکي ٿو. پرڏيهي وزارت پاران جاري بيان موجب گڏيل بيان ۾ انهن ملڪن جي پرڏيهي وزيرن خطي ۾ …

اسلام آباد _ 30 سيپٽمبر ( اي پي پي) اردن، گڏيل عرب امارات، انڊونيشيا، پاڪستان، ترڪيه، سعودي عرب، قطر ۽ مصر جي پرڏيهي وزيرن غزه ۾ جنگ جي خاتمي جي لاءِ آمريڪي صدر ڊونلڊ جي ٽرمپ جي مخلصاڻي ڪوششن کي ساراهيندي چيو آهي ته آمريڪي صدر امن جي راهه ڳولڻ جي صلاحيت رکي ٿو. پرڏيهي وزارت پاران جاري بيان موجب گڏيل بيان ۾ انهن ملڪن جي پرڏيهي وزيرن خطي ۾ امن قائم ڪرڻ جي لاءِ آمريڪا سان حصيداري جي اهميت تي زور ڏنو. پرڏيهي وزيرن صدر ٽرمپ جي ان اعلان جي آجيان ڪئي جنهن ۾ هن جنگ جي خاتمي، غزه جي نئين سر تعمير، فلسطيني عوام جي جبري بي دخلي جي روڪٿام ۽ جامع امن جي فروغ جي تجويز ڏني آهي، پرڏيهي وزيرن آمريڪي صدر جي ان اعلان جي پڻ آجيان ڪئي ته هو اولهندي ڪناري جي الحاق جي اجازت نه ڏيندو. بيان موجب پرڏيهي وزيرن ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته هو معاهدي کي حتمي شڪل ڏيڻ ۽ ان تي عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ آمريڪا ۽ سمورين ڌرين سان مثبت ۽ تعميري طور تي ڳالهه ٻولهه جي لاءِ تيار آهن ته جيئن خطي جي عوام جي لاءِ امن، سلامتي ۽ استحڪام کي يقيني بڻائي سگهجي. هنن ان گڏيل عزم جو ورجاءُ ڪيو ته هو آمريڪا سان گڏجي غزه ۾ جنگ جي خاتمي جي لاءِ هڪ جامع معاهدي تي ڪم ڪندا جيڪو غزه کي وڏي پئماني تي انساني امداد جي بنا رڪاوٽ پهچ کي يقيني بڻائيندو، فلسطينين جي بيدخلي روڪيندو، يرغمالين جي آزادي کي يقيني بڻائيندو، اهڙو سيڪيورٽي مڪينزم قائم ڪندو جيڪو سمورين ڌرين جي سلامتي جي ضمانت ڏي، مڪمل اسرائيلي انخلا کي ممڪن بڻائي، غزه جي نئين سر تعمير ڪري ۽ هڪ منصفاڻي امن جي راهه هموار ڪري جيڪو ٻه رياستي حل جي بنياد تي هجي، جنهن تحت غزه کي مڪمل طور تي اولهندي ڪناري سان ضم ڪري هڪ فلسطيني رياست جوڙي وڃي، جيڪا عالمي قانون موجب خطي جي استحڪام ۽ سلامتي کي يقيني بڻائڻ جي ڪُنجي آهي.

مزید خبریں