اسلام آباد _ 30 سيپٽمبر ( اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي نائب صدر ۽ سينيٽر شيري رحمان سان برطانوي پارليامينٽ ميمبر لارڊ شفق محمد پنهنجي وفد سان گڏ اهم ملاقات ڪئي جنهن ۾ خطي جي صورتحال، پاڪ ڀارت ڇڪتاڻ ۽ ڪشمير مسئلي تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. شيري رحمان ان موقعي تي چيو ته خطي ۾ امن، انصاف ۽ خودمختياري جي حق لاءِ اٿندڙ هر مثبت …
پاڪستان پيپلزپارٽي جي نائب صدر ۽ سينيٽر شيري رحمان سان برطانوي پارليامينٽ ميمبر لارڊ شفق محمد جي وفد سميت ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد _ 30 سيپٽمبر ( اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي نائب صدر ۽ سينيٽر شيري رحمان سان برطانوي پارليامينٽ ميمبر لارڊ شفق محمد پنهنجي وفد سان گڏ اهم ملاقات ڪئي جنهن ۾ خطي جي صورتحال، پاڪ ڀارت ڇڪتاڻ ۽ ڪشمير مسئلي تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. شيري رحمان ان موقعي تي چيو ته خطي ۾ امن، انصاف ۽ خودمختياري جي حق لاءِ اٿندڙ هر مثبت آواز جي آجيان ڪئي وڃي ٿي. هن چيو ته سڄي دنيا ۾ مسلمانن تي ٿيندڙ ظلمن جي خلاف ڳالهائيندڙن کي سلام پيش ڪريان ٿي جڏهن ته عالمي سطح تي ڪشميري عوام جي وڪالت ڪندڙ شخصيتون اسان سڀني جي لاءِ فخر جوڳيون آهن. شيري رحمان ٻڌايو ته لارڊ شفق محمد ۽ برطانوي پارلياماني وفد عالمي برادري جو ڌيان والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي ظلمن طرف ڇڪرايو آهي. هن چيو ته ڀارتي پاڻي جارحيت تي لارڊ شفق محمد جو پاڪستاني موقف کي غيرجانبدار ۽ مضبوط انداز ۾ پيش ڪرڻ خوش آئنده آهي. سندس موجب سنڌ طاس معاهدي جي هڪطرفي معطلي عالمي قانونن جي کليل خلاف ورزي آهي ۽ ڀارت جو پاڻي کي بطور هٿيار استعمال ڪرڻ ڳڻتي جوڳو ۽ غيرذميواراڻو رويو آهي. هن خبردار ڪيو ته ڀارت کي معاهدن جي پاسداري ڪرڻي پوندي، نه ته خطي ۾ ڇڪتاڻ وڌيڪ وڌندي. شيري رحمان اهو به چيو ته لارڊ شفق محمد تازي پاڪ ڀارت ڇڪتاڻ ۾ پاڪستان جي موقف کي ڀرپور انداز ۾ اٿاريو ۽ پاڪستاني دفاعي قدمن جي حمايت ڪئي جيڪي ساراهه جوڳا آهن. شيري رحمان زور ڏنو ته پيپلزپارٽي ۽ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سدائين ڪشميري عوام جي حق ۾ آواز اٿاريو آهي ۽ ڪشمير تي پارٽي جي مستقل ۽ اصولي پاليسي ساراهه جوڳي آهي. سندس چوڻ هو ته ڀارت جو رويو ڏينهون ڏينهن غيرذميواراڻو ۽ معتصباڻو ٿيندو پيو وڃي. هن مودي سرڪار تي سخت تنقيد ڪندي چيو ته راند جهڙي غيرجانبدار ميدان کي به سياست جي ور چاڙهيو ويو آهي، راند کي نفرت ۽ سياسي ايجنڊا سان گندو ڪرڻ شرمناڪ آهي. شيري رحمان چيو ته ڪرڪيٽ جي ميدان ۾ حقيقت دنيا آڏو آهي، ان جي لاءِ ڀارت جي ظلمن ۽ ڪارن قانونن کي لڪائڻ هاڻي ممڪن ناهي رهيو. هن عالمي سطح تي انهن ڪوششن کي تاريخي قرار ڏنو جيڪي ڀارتي قدمن کي بي نقاب ڪري رهيون آهن. ملاقات جي پڄاڻي تي سينيٽر شيري رحمان ڪشمير مسئلي ۽ سنڌ طاس معاهدي تي ڀرپور انداز ۾ پاڪستان جي موقف کي اجاگر ڪرڻ تي لارڊ شفق محمد ۽ سندس وفد جا ٿورا مڃيا. وفد ۾ بئريسٽر تنوير، محبوب حسين، سعد علي، عائشه شفق، مس عرينه ۽ محمد عمران شامل هئا.











