اسلام آباد _ 30 سيپٽمبر ( اي پي پي) پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي مرڪزي اڳواڻ سينيٽر راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته هر صوبو پنهنجي حصي جي پاڻي جي استعمال جي حوالي سان پاڻ فيصلا ڪرڻ جو حق رکي ٿو. سينيٽر نذير گهمرو جي نقطي تي سينيٽ ۾ ڳالهائيندي راڻا ثناءُ الله چيو ته پاڻي قومي وسيلو آهي جيڪو نيشنل واٽر اڪارڊ تحت صوبن ۾ ورهايو ويو آهي ۽ …
هر صوبو پنهنجي حصي جي پاڻي جي استعمال جي حوالي سان پاڻ فيصلا ڪرڻ جو حق رکي ٿو: سينيٽر راڻا ثناءُ الله

مزید خبریں
اسلام آباد _ 30 سيپٽمبر ( اي پي پي) پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي مرڪزي اڳواڻ سينيٽر راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته هر صوبو پنهنجي حصي جي پاڻي جي استعمال جي حوالي سان پاڻ فيصلا ڪرڻ جو حق رکي ٿو. سينيٽر نذير گهمرو جي نقطي تي سينيٽ ۾ ڳالهائيندي راڻا ثناءُ الله چيو ته پاڻي قومي وسيلو آهي جيڪو نيشنل واٽر اڪارڊ تحت صوبن ۾ ورهايو ويو آهي ۽ ان معاهدي ۾ هر صوبي جو حصو واضح طور تي لکيل آهي. هن چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي نه رڳو موجوده حڪومت جي اتحادي آهي پر 2018ع کان 2022ع تائين مڙهيل آمراڻي منصوبي جي خلاف گڏيل جدوجهد ۾ پڻ پراڻي حصيدار رهي آهي. سندس چوڻ هو ته پيپلزپارٽي جي قيادت کي مسلم ليگ (ن) ۾ انتهائي احترام جي نگاهه سان ڏٺو وڃي ٿو ۽ ٻنهي پارٽين جي حصيداري رڳو حڪومتي معاملن تائين محدود نه آهي پر سياسي جدوجهد تائين پکڙيل آهي، اهو اتحاد پاڪستان جي بهتري جي لاءِ جاري رهندو. راڻا ثناءُ الله واضح ڪيو ته پنجاب ڪڏهن به هڪطرفي ڪنٽرول جي خواهش ناهي ڪئي، پنجاب سدائين وڏي ڀاءُ جي حيثيت سان قربانيون ڏيندو آيو آهي پر اڪثر ان کي ”پاڻي چور“ جو طعنو ٻڌڻو پوي ٿو. اسان ڪنهن به فورم تي اهو ثابت ڪرڻ جي لاءِ تيار آهيون ته پنجاب نه ته ڪڏهن ننڍن صوبن جي حصي جو هڪ ڦڙو به چوري ڪيو آهي ۽ نه ئي ڪڏهن ان جو ارادو رکي ٿو. هن زور ڏنو ته پاڻي جي ورڇ جي مسئلي تي بحث سينيٽ جي اندر ٿيڻ گهرجي ڇو ته سينيٽ وفاق جي ضمانت آهي. سندس چوڻ هو ته پنجاب حڪومت سان واڳيل بيانن کي اشتعالانگيزي نه پر تعميري بحث جو حصو سمجهڻ گهرجي.











