پاڪ فوج پاران فتح – 4 گرائونڊ لانچڊ ڪروز ميزائيل جو ڪامياب تربيتي تجربو

راولپنڊي _ 30 سيپٽمبر ( اي پي پي) پاڪ فوج فتح – 4 گرائونڊ لانچڊ ڪروز ميزائيل جو ڪامياب تربيتي تجربو ڪري ورتو. آءِ ايس پي آر موجب ملڪي سطح تي تيار ڪيل 750 ڪلوميٽر رينج رکندڙ فتح – 4 جو ڪامياب تجربو ڪيو ويو آهي. اهو ميزائيل جديد ايويانڪس ۽ نيويگيشنل اوزارن سان ليس آهي، ميزائيل دشمن جي ميزائيل ڊفينس سسٽم کي دوکو ڏيڻ جي صلاحيت رکي ٿو ۽ …

راولپنڊي _ 30 سيپٽمبر ( اي پي پي) پاڪ فوج فتح – 4 گرائونڊ لانچڊ ڪروز ميزائيل جو ڪامياب تربيتي تجربو ڪري ورتو. آءِ ايس پي آر موجب ملڪي سطح تي تيار ڪيل 750 ڪلوميٽر رينج رکندڙ فتح – 4 جو ڪامياب تجربو ڪيو ويو آهي. اهو ميزائيل جديد ايويانڪس ۽ نيويگيشنل اوزارن سان ليس آهي، ميزائيل دشمن جي ميزائيل ڊفينس سسٽم کي دوکو ڏيڻ جي صلاحيت رکي ٿو ۽ زميني سطح سان اڏام جون خصوصيتون رکندڙ آهي. انهن خصوصيتن جي ڪري اهو ميزائيل هدف کي انتهائي درستگي سان نشانو بڻائڻ جي صلاحيت رکي ٿو. فتح – 4 ميزائيل آرمي راڪيٽ فورس ڪمانڊ جو حصو آهي جيڪو پاڪستان آرمي جي ميزائيل نظام جي رينج ۽ صلاحيت کي وڌيڪ بهتر بنائيندو. آءِ ايس پي آر موجب چيف آف جنرل اسٽاف، پاڪ فوج جي سينيئر آفيسرن ۽ سائنسدانن ۽ انجنيئرز تجربي جو مشاهدو ڪيو. صدر، وزيراعظمن، چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي ۽ سروسز چيفس پاران فتح – 4 جي ڪامياب تربيتي تجربي تي شريڪ دستن، سائنسدانن ۽ انجنيئرز کي مبارڪباد ڏني وئي آهي.

مزید خبریں