اسلام آباد _ 30 سيپٽمبر ( اي پي پي) اسپيشل جج سينٽرل اسلام آباد همايون دلاور اي پي پي ميگا ڪرپشن ڪيس ۾ گرفتار 5 نامزد جوابدارن جي گرفتاري کانپوءِ واري ضمانت جي درخواست تي ٻڌڻي اربع تائين ملتوي ڪري ڇڏي. ڪيس جي ٻڌڻي جي شروعات تي عدالت کي ٻڌايو ويو ته جوابدارن جي ضمانت جي درخواستن تي نوٽيس جاري ناهن ڪيا ويا. اي پي پي جي ليگل ايڊوائيزر خرم …
اي پي پي ميگا ڪرپشن ڪيس ۾ گرفتار 5 نامزد جوابدارن جي گرفتاري کانپوءِ واري ضمانت جي درخواست تي ٻڌڻي اربع تائين ملتوي

مزید خبریں
اسلام آباد _ 30 سيپٽمبر ( اي پي پي) اسپيشل جج سينٽرل اسلام آباد همايون دلاور اي پي پي ميگا ڪرپشن ڪيس ۾ گرفتار 5 نامزد جوابدارن جي گرفتاري کانپوءِ واري ضمانت جي درخواست تي ٻڌڻي اربع تائين ملتوي ڪري ڇڏي. ڪيس جي ٻڌڻي جي شروعات تي عدالت کي ٻڌايو ويو ته جوابدارن جي ضمانت جي درخواستن تي نوٽيس جاري ناهن ڪيا ويا. اي پي پي جي ليگل ايڊوائيزر خرم بيگ عدالت ۾ پيش ٿيو ۽ موقف اختيار ڪيو ته کيس ڪيس جو اطلاع وقت سر نه ڏنو ويو جنهن جي ڪري هو تياري نه ڪري سگهيو. ٻڌڻي دوران معزز جج عدالتي اهلڪارن کان پڇيو ته ڇا اي پي پي کي نوٽيس جاري ڪيا ويا هئا يا نه. عدالتي اهلڪار عدالت کي ٻڌايو ته گذريل رات ٽيليفون ڪال جي ذريعي اطلاع ڏنو ويو هو. ان جواب تي جج همايون دلاور شديد ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ لاڳاپيل عدالتي اهلڪار کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو. بعد ۾ عدالت ٻڌڻي اربع تائين ملتوي ڪري ڇڏي. واضح رهي ته اي پي پي ميگا ڪرپشن ڪيس ۾ گرفتار جوابدارن محمد غواث خان، ادريس احمد، ساجد علي وڙائچ، خرم شهزاد ۽ عمران منير پنهنجي گرفتاري کانپوءِ ضمانت جي لاءِ درخواستون داخل ڪيون آهن.











