قومي چئلينجز جي حل لاءِ سياسي رابطا ۽ تعاون ضروري آهي: وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني

اسلام آباد _ 30 سيپٽمبر(اي پي پي) وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني قومي چئلينجز جي حل لاءِ سياسي رابطي ۽ تعاون کي ضروري قرار ڏيندي چيو آهي ته جمهوريت جي استحڪام ۽ عوامي ڀلائي جي لاءِ جامع مڪالمو ۽ گڏيل ڪوششون لازمي آهن. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وقتي صدر اهڙن خيالن جو اظهار ايوان صدر ۾ مختلف سياسي پارٽين سان تعلق رکندڙ سينيٽرن جي …

اسلام آباد _ 30 سيپٽمبر(اي پي پي) وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني قومي چئلينجز جي حل لاءِ سياسي رابطي ۽ تعاون کي ضروري قرار ڏيندي چيو آهي ته جمهوريت جي استحڪام ۽ عوامي ڀلائي جي لاءِ جامع مڪالمو ۽ گڏيل ڪوششون لازمي آهن. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وقتي صدر اهڙن خيالن جو اظهار ايوان صدر ۾ مختلف سياسي پارٽين سان تعلق رکندڙ سينيٽرن جي اعزاز ۾ مانجهاندي جي موقعي تي ڳالهائيندي ڪيو. سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته جمهوريت جي مضبوطي ۽ عوام جي ڀلائي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ جامع ڳالهه ٻولهه ۽ گڏيل ڪوششون ضروري آهن. مانجهاندي ۾ پيپلزپارٽي جي سينيٽ ۾ پارلياماني ليڊر سينيٽر شيري رحمان، سينيٽ ۾ بلوچستان عوامي پارٽي (بي اي پي) جي پارلياماني ليڊر سينيٽر منظور احمد ڪاڪڙ، تحريڪ انصاف جي سينيٽر علي ظفر، جمعيت علماءِ اسلام (جي يو آءِ ف) جي پارلياماني ليڊر سينيٽر عطاءُ الرحمان، عوامي نيشنل پارٽي جي سينيٽر هدايت الله ۽ متحده قومي موومينٽ جي سينيٽر عامر چشتي شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ملڪ ۽ ٻاهرئين ملڪ جي مجموعي سياسي صورتحال ۽ ٻوڏ کان متاثر علائقن ۾ جاري امدادي ۽ نئين سر تعمير جي ڪوششن جو جائزو ورتو ويو. قانون واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ ۽ پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير طارق فضل چوڌري شرڪت ڪندڙن سان پنهنجي پنهنجي وزارتن سان لاڳاپيل معاملن بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.

مزید خبریں