فتح – 4 ميزائيل جو ڪامياب تجربو پاڪستان جي دفاعي نظام ۾ هڪ سنگ ميل آهي: صدر آصف علي زرداري

اسلام آباد _ 30 سيپٽمبر( اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته فتح – 4 ميزائيل جو ڪامياب تجربو پاڪستان جي دفاعي نظام ۾ هڪ سنگ ميل آهي، ملڪي سطح تي تيار ڪيل جديد ميزائيل پاڪستان جي سائنسي پاڻڀرائپ جو ثبوت آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر آصف علي زرداري فتح – 4 ميزائيل جي ڪامياب تجربي تي قوم کي مبارڪباد ڏني. …

اسلام آباد _ 30 سيپٽمبر( اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته فتح – 4 ميزائيل جو ڪامياب تجربو پاڪستان جي دفاعي نظام ۾ هڪ سنگ ميل آهي، ملڪي سطح تي تيار ڪيل جديد ميزائيل پاڪستان جي سائنسي پاڻڀرائپ جو ثبوت آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر آصف علي زرداري فتح – 4 ميزائيل جي ڪامياب تجربي تي قوم کي مبارڪباد ڏني. صدر آصف علي زرداري چيو ته فتح – 4 ميزائيل پاڪستان جي دفاعي صلاحيتن کي وڌيڪ مضبوط ڪندو، قوم پنهنجي سائنسدانن ۽ انجنيئرز جي محنت ۽ عزم تي فخر ڪري ٿي، پاڪستان جو دفاع فتح نه ٿيڻ جوڳو آهي ۽ رهندو. صدر سائنسدانن، انجنيئرز ۽ هٿياربند فوج جي جوانن کي شاندار ڪاميابي تي خراج تحسين پيش ڪيو.

مزید خبریں