مذهبي معاملن واري وفاقي وزير سان ويٽيڪن سٽي جي سفير جي ملاقات

اسلام آباد -30 سيپٽمبر (اي پي پي) مذهبي معاملن بابت وفاقي وزير سردار محمد يوسف سان ويٽيڪن سٽي جي سفير آرچ بشپ گرمانو پينموٽ ملاقات ڪئي جنهن ۾ مذهبي عدم برداشت جي وڌندڙ رجحان، دهشتگردي، ۽ بين المذاهب هم آهنگي کي هٿي ڏيڻ جي حوالي سان مختلف تجويزن تي ڳالهيون ڪيون. مذهبي معاملن واري وزارت جي ترجمان موجب ملاقات دوران سردار يوسف چيو ته حڪومت معاشري جي هر فرد جي …

اسلام آباد -30 سيپٽمبر (اي پي پي) مذهبي معاملن بابت وفاقي وزير سردار محمد يوسف سان ويٽيڪن سٽي جي سفير آرچ بشپ گرمانو پينموٽ ملاقات ڪئي جنهن ۾ مذهبي عدم برداشت جي وڌندڙ رجحان، دهشتگردي، ۽ بين المذاهب هم آهنگي کي هٿي ڏيڻ جي حوالي سان مختلف تجويزن تي ڳالهيون ڪيون. مذهبي معاملن واري وزارت جي ترجمان موجب ملاقات دوران سردار يوسف چيو ته حڪومت معاشري جي هر فرد جي شموليت، رواداري ۽ گڏيل احترام جي ماحول کي هٿي وٺائڻ لاءِ پرعزم آهي. پاڪستان  ۾ اقليتن کي سياسي، سماجي ۽ معاشي طور تي بااختيار بڻائڻ لاءِ ڪيترائي قدم کنيا پيا وڃن. وفاقي ۽ صوبائي قانون ساز اسيمبلين ۾ اقليتن لاءِ سيٽون رکيون ويون آهن. هن چيو ته اقليتن جي قيام بابت قومي ڪميشن، بين المذاهب هم اهنگي پاليسي ۽ مذهبي برداشت کي هٿي وٺائڻ واري پاليسي جي منظوري سان اقليتن کي عملي طور تي آزاد ۽ خودمختيار بڻايو ويو آهي. هن جو چوڻ هو ته ويٽيڪن سٽي ۽ پاڪستان وچ ۾ لاڳاپا بهتر بڻائڻ جا شاندار موقعا آهن، ٻه طرفه وفدن جي  مٽاسٽا سان لاڳاپن ۾ بهتري ايندي. ويٽيڪن سٽي  جي سفير چيو ته ڪيٿولڪ چرچ  جي انتظام هيٺ پاڪستان ۾ تعليم ۽ صحت جي شعبي ۾  اهم منصوبا  جاري آهن. هن پاڪستان ۾ ڪيٿولڪ چرچ جي انتظام هيٺ جديد علم سان ليس يونيورسٽي  جي قيام جي تجويز ڏني. وفاقي وزير ان سلسلي ۾ هر ممڪن مدد جي خاطري ڪرائي. آرچ بشپ گرمانو پينموٽ وفاقي وزير کي ويٽيڪن سٽي جي دوري جي دعوت به ڏني.

مزید خبریں