ڪوئٽا -30 سيپٽمبر (اي پي پي) بلوچستان جي وڏي وزير مير سرفراز بگٽي ڪوئٽا جي علائقي پشين اسٽاپ ويجهو بم ڌماڪي جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي، ته دهشتگرد بزدلاڻين ڪارروائين سان قوم جا حوصلا ڪمزور نٿا ڪري سگهن. عوام ۽ سيڪيورٽي ادارن جون قربانيون ضايع نه وينديون. انهن خيالن جو اظهار هن پنهنجي جاري بيان ۾ ڪيو. هن چيو ته سيڪيورٽي فورسز 4 دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو …
دهشتگرد بزدلاڻين ڪارروائين سان قوم جا حوصلا ڪمزور نٿا ڪري سگهن: مير سرفراز بگٽي

مزید خبریں
ڪوئٽا -30 سيپٽمبر (اي پي پي) بلوچستان جي وڏي وزير مير سرفراز بگٽي ڪوئٽا جي علائقي پشين اسٽاپ ويجهو بم ڌماڪي جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي، ته دهشتگرد بزدلاڻين ڪارروائين سان قوم جا حوصلا ڪمزور نٿا ڪري سگهن. عوام ۽ سيڪيورٽي ادارن جون قربانيون ضايع نه وينديون. انهن خيالن جو اظهار هن پنهنجي جاري بيان ۾ ڪيو. هن چيو ته سيڪيورٽي فورسز 4 دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪري ڇڏيو، واقعي کان پوءِ سيڪيورٽي فورسز فوري ۽ اثرائتو رد عمل ڏنو. هن جو چوڻ هو ته بلوچستان کي پرامن ۽ محفوظ بڻائڻ جي عزم تي ڪاربند آهيون. هن شهيدن جي درجن جي بلندي ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا به ڪئي.











