گردش هيٺ ڪرنسي ۽ بئنڪن ۾ ڊپازٽس ۾ هفتيوار بنيادن تي گهٽتائي ٿي آهي: اسٽيٽ بئنڪ

اسلام آباد -30 سيپٽمبر (اي پي پي) ملڪ ۾ گردش هيٺ ڪرنسي ۽ بئنڪن جي ڊپازٽس ۾ هفتيوار بنيادن تي گهٽتائي رڪارڊ ٿي آهي. اسٽيٽ بئنڪ مطابق 19 سيپٽمبر تي ختم ٿيل هفتي ۾ گردش هيٺ ڪرنسي جو ڳاڻيٽو 10649 ارب روپيا رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو ان کان اڳ واري هفتي جي ڀيٽ ۾  0.7 سيڪڙو گهٽ آهي. جاري مالي سال جي شروعات کان هن وقت تائين گردش هيٺ ڪرنسي …

اسلام آباد -30 سيپٽمبر (اي پي پي) ملڪ ۾ گردش هيٺ ڪرنسي ۽ بئنڪن جي ڊپازٽس ۾ هفتيوار بنيادن تي گهٽتائي رڪارڊ ٿي آهي. اسٽيٽ بئنڪ مطابق 19 سيپٽمبر تي ختم ٿيل هفتي ۾ گردش هيٺ ڪرنسي جو ڳاڻيٽو 10649 ارب روپيا رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو ان کان اڳ واري هفتي جي ڀيٽ ۾  0.7 سيڪڙو گهٽ آهي. جاري مالي سال جي شروعات کان هن وقت تائين گردش هيٺ ڪرنسي ۾ مجموعي طور 0.1 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي. انگن اکرن موجب 19 سيپٽمبر تي ختم ٿيل هفتي ۾ (ايم ٽو) جو ڳاڻيٽو 39363 ارب روپيا رڪارڊ ڪيو ويو هو جيڪو ان کان اڳ واري هفتي جي ڀيٽ ۾ 0.7 سيڪڙو گهٽ آهي. ان کان اڳ واري هفتي جي پڄاڻي تي ايم ٽو جو ڳاڻيٽو 39652 ارب روپيا رڪارڊ ڪيو ويو هو. جاري مالي سال جي شروعات کان هاڻي تائين ايم ٽو ۾ مجموعي طور 3.5 سيڪڙو جي گهٽتائي ٿي. انگن اکرن موجب 19 سيپٽمبر تي ختم ٿيل هفتي ۾ بئنڪن جي مجموعي ڊپازٽس جو ڳاڻيٽو 28665 ارب روپيا رڪارڊ ڪيوويو جيڪو ان کان اڳ واري هفتي جي ڀيٽ ۾ 0.7 سيڪڙو گهٽ آهي، ان کان اڳ واري هفتي جي پڄاڻي تي بئنڪن جي ڊپازٽس جو ڳاڻيٽو 28878 ارب روپيا رڪارڊ ڪيو ويو هو. جاري مالي سال جي شروعات کان هن وقت تائين بئنڪن جي ڊپازٽس ۾ مجموعي طور 4.8 سيڪڙو گهٽتائي ٿي آهي.

مزید خبریں