اسلام آباد _ 30 سيپٽمبر ( اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ڪوئيٽا ۾ فتنه الخوارج جي خودڪش حملي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته فتنه الخوارج ۽ ڀارت جي ايجنڊا تي ڪم ڪندڙ عنصر پاڪستان جي امن ۽ استحڪام کي نقصان نٿا پهچائي سگهن ٿا. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر سيڪيورٽي فورسز کي وقت سر ۽ موثر ڪارروائي تي خراج تحسين پيش ڪيو …
صدر پاران ڪوئيٽا ۾ فتنه الخوارج جي خودڪش حملي جي مذمت

مزید خبریں
اسلام آباد _ 30 سيپٽمبر ( اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ڪوئيٽا ۾ فتنه الخوارج جي خودڪش حملي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته فتنه الخوارج ۽ ڀارت جي ايجنڊا تي ڪم ڪندڙ عنصر پاڪستان جي امن ۽ استحڪام کي نقصان نٿا پهچائي سگهن ٿا. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر سيڪيورٽي فورسز کي وقت سر ۽ موثر ڪارروائي تي خراج تحسين پيش ڪيو ۽ زخمي ايف سي جوانن جي جلد صحتيابي جي لاءِ دعا ڪئي. هن چيو ته ڀارت نواز شرپسند عنصرن جي ناپاڪ ارادن کي ناڪام بڻائيندا رهنداسين، پاڪستان دشمن قوتن جي مايوسي انهن جي ناڪامي ۽ خراب انجام جي علامت آهي. صدر چيو ته عالمي ۽ علائقائي منظرنامو پاڪستان مخالف رياستن ۽ انهن جي پرڪاسيز جي خلاف تبديل ٿي رهيو آهي ان لاءِ اهي مايوسي ۽ بوکلاهٽ جو شڪار آهن. آصف علي زرداري ان عزم جو اظهار ڪيو ته پاڪستان، ان جي عوام ۽ ان جي سيڪيورٽي فورسز انشاءَالله غالب اينديون.











