اسلام آباد -30 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ مسلسل ٻئي ڏينهن به تيزي جو رجحان رهيو ۽ ڪي ايس اي 100 انڊيڪس هڪ لک 65 هزار پوائنٽس جي حد کي به پار ڪري وئي. ڪاروبار جي شروعات تي مارڪيٽ ۾ تيزي رهي ۽ صبح جو 11:15 تائين انڊيڪس 1345.67 پوائنٽس جي اضافي کان پوءِ هڪ لک 65 هزار 193 پوائنٽس تائين پهچي وئي. مارڪيت ۾ 460 ڪمپنين …
پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ تيزي جو رجحان برقرار، 100 انڊيڪس هڪ لک 65 هزار پوائنٽس جي حد پار ڪري وئي

مزید خبریں
اسلام آباد -30 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ مسلسل ٻئي ڏينهن به تيزي جو رجحان رهيو ۽ ڪي ايس اي 100 انڊيڪس هڪ لک 65 هزار پوائنٽس جي حد کي به پار ڪري وئي. ڪاروبار جي شروعات تي مارڪيٽ ۾ تيزي رهي ۽ صبح جو 11:15 تائين انڊيڪس 1345.67 پوائنٽس جي اضافي کان پوءِ هڪ لک 65 هزار 193 پوائنٽس تائين پهچي وئي. مارڪيت ۾ 460 ڪمپنين جي شيئرز جي ڏيتي ليتي ٿي، 233 ڪمپنين جي شيئرز جي قيمتن ۾ اضافو ۽ 218 جي قيمتن ۾ گهٽتائي ٿي. 9 ڪمپنين جي شيئرز جي قيمتن ۾ ڪا به ردوبدل نه ٿي، ڪي ايس اي 30 انڊيڪس 505.3 پوائنٽس جي اضافي کان پوءِ 50776.98 پوائنٽس ۽ اسلامي ماليات رکندڙ ڪي ايم آءِ 30 انڊيڪس 2150 پوائنٽس جي اضافي کان پوءِ 245845.65 پوائنٽس تي پهچي وئي. فيوچر ٽريڊنگ تحت 5.048 ارب روپين جا سودا ٿيا. مجموعي طور 429.49 ملين شيئرز جي ڏيتي ليتي ٿي جن جي ماليات 26.53 ارب روپيا ٿي. ورلڊ ڪال ٽيليڪام، پيس پاڪستان لميٽيڊ ۽ بئنڪ آف پنجاب جي شيئرز جي سڀ کان وڌيڪ خريداري ۽ وڪرو ٿيو.











