وفاق ۽ صوبائي ادارا ٻوڏ متاثر علائقن ۾ امداد ۽ بحالي جي ڪمن ۾ ڀرپور نموني حصو وٺي رهيا آهن: قانون ۽ انصاف وارو وفاقي وزير

اسلام آباد-29 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي کي ٻڌايو ويو آهي ته وفاق ۽ صوبائي ادارا ٻوڏ متاثر علائقن ۾ امداد ۽ بحالي جي ڪمن ۾ ڀرپور نموني حصو وٺي رهيا آهن، سروي جي نتيجن ۾ نئين سر تعمير ۽ بحالي جي عمل ۾ وڌيڪ تيزي آندي ويندي. قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ هاڻوڪي ٻوڏ دوران ٽوبه ٽيڪ سنگهه ۾ تعلقي ڪماليه، تعلقي پير محل، تاندليا نواله ۽ چيچه …

اسلام آباد-29 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي کي ٻڌايو ويو آهي ته وفاق ۽ صوبائي ادارا ٻوڏ متاثر علائقن ۾ امداد ۽ بحالي جي ڪمن ۾ ڀرپور نموني حصو وٺي رهيا آهن، سروي جي نتيجن ۾ نئين سر تعمير ۽ بحالي جي عمل ۾ وڌيڪ تيزي آندي ويندي. قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ هاڻوڪي ٻوڏ دوران ٽوبه ٽيڪ سنگهه ۾ تعلقي ڪماليه، تعلقي پير محل، تاندليا نواله ۽ چيچه وطني ۾ اين ڊي ايم اي جي ڪارڪردگي بابت رياض فتيانه جي ڌيان ڇڪايو نوٽيس تي وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ ايوان کي ٻڌايو ته آفتن کي منهن ڏيڻ لاءِ اين ڊي ايم اي ڀرپور ڪوشش ڪندي آهي، ماضي ۾ به اين ڊي ايم اي سٺي ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو، هاڻوڪي ٻوڏ دوران به وفاق ۽ صوبائي حڪومتن سٺي ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو آهي. هن چيو ته 11 لک ڪيوسڪ پاڻي تي ٻڌل ٻوڏ جي وهڪري جي متاثرن ۾ پاڻ به شامل آهي، ان سان نقصان ٿيا آهن، سمورن دريائن جو پاڻي جڏهن ڏکڻ پنجاب پهتو ته ان کي به نقصان پهتو، رياض فتيانه جي علائقي ۾ به نقصان ٿيو آهي ۽ ان تي ڪي به ٻه رايا ناهن، هن چيو ته حڪومت سروي جي شروعات ڪئي آهي، سروي جي نتيجي ۾ نئين سر تعمير ۽ بحالي جي عمل ۾ وڌيڪ تيزي آندي ويندي.

مزید خبریں