پاڪستان ۾ 80 هزار کان وڌيڪ ماڻهو دهشتگردي جو نشانو بڻيا آهن: اعظم نذير تارڙ

اسلام آباد-29 سيپٽمبر (اي پي پي) قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته پاڪستان ۾ 80 هزار کان وڌيڪ ماڻهو دهشتگردي جو نشانو بڻيا آهن ۽ پي ٽي آءِ جا ماڻهو هن ايوان ۾  بيهي خوارجين جي حق ۾ احتجاج ۽ تقريرون ڪري رهيا آهن ان جو نوٽيس وٺڻ گهرجي. قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر طرفان اڳوڻي فاٽا ۾ آپريشن خلاف احتجاج ۽ نعريبازي …

اسلام آباد-29 سيپٽمبر (اي پي پي) قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته پاڪستان ۾ 80 هزار کان وڌيڪ ماڻهو دهشتگردي جو نشانو بڻيا آهن ۽ پي ٽي آءِ جا ماڻهو هن ايوان ۾  بيهي خوارجين جي حق ۾ احتجاج ۽ تقريرون ڪري رهيا آهن ان جو نوٽيس وٺڻ گهرجي. قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر طرفان اڳوڻي فاٽا ۾ آپريشن خلاف احتجاج ۽ نعريبازي ڪئي وئي، ان تي قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير، اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته هي قاعدن جي ڀڃڪڙي ڪري رهيا آهن، هي ڊرامو ۽ راند آهي ۽ اسان سڀ هتي خاموش ويٺل آهيون، اڌپاڪستان ٻوڏ ۾ ٻڏل آهي ۽ ٻئي طرف اسان 80 هزار ماڻهن جي دهشتگردي خلاف قرباني ڏئي چڪا آهيون. جڏهن ته هي ماڻهو هتي خوارجين سان گڏ بيهڻ ۽ انهن لاءِ تقريرون ڪري رهيا آهن ۽ اسان سڀ ڏسي رهيا آهيون، کين اهو ڊرامو بند ڪرڻ گهرجي ۽ وڃي عوام کي جواب ڏين. پيپلزپارٽي جي ميمبر آغا رفيع الله چيو ته انهن ماڻهن 2022ع ۾ افغانستان مان طالبان ۽ دهشتگردن کي گهرائي هتي آباد ڪيو، هاڻي هو شهرين کي نشانو بڻائي رهيا آهن ۽ هي انهن جي حمايت ڪري رهيا آهن. اهڙن نام نهاد نمائندن جو نوٽيس وٺڻ گهرجي. سندن صوبائي حڪومت دهشتگردن کي فنڊنگ ڪري رهي آهي هي قوم ۽ شهيدن سان زيادتي ۽ مذاق آهي، اهو ئي پي ٽي آءِ جو اصل چهرو آهي، هي هڪ ٻي 9 مئي چاهين ٿا ته جيئن پاڪستان جي دنيا ۾ ساک بڻيل اها بدنامي ۾ تبديل ٿئي. انهن خلاف ڀرپور ڪارروائي اسان تي شهيدن جو قرض آهي. هر پاڪستاني تي لازمي آهي ته هو انهن جي مذمت ڪري، اسان شهيدن جا جنازا کڻي رهي اآهيون ۽ هي ان تي لوڻ ٻرڪي رهيا آهن. هن پارٽي کي شرم اچڻ گهرجي. سندن چهرا بي نقاب ڪرڻا پوندا، هي ٽڪ ٽاڪ ۽ سوشل ميڊيا لاءِ هتي اچن ٿا. ان موقعي تي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر چيو ته پاڪستان جي ٻارن ۽ پاڪ فوج تي حملو ڪندڙن لاءِ اوهان هتي بيهجي ويا آهيو، ڇا اوهان هڪ ٻي 9 مئي چاهيو ٿا؟.

مزید خبریں