اسلام آباد-29 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي اڊيالا جيل ۾ صحافين سان ملاقات دوران سينئر صحافي اعجاز احمد سان اڻوڻندڙ سلوڪ ۽ ڪراچي ۾ صحافي امتياز مير جي قتل خلاف مذمتي قرارداد جي منظوري ڏئي ڇڏي. قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ ان حوالي سان ايم ڪيو ايم پاڪستان جي خواجه اظهار الحسن قرار داد ايوان ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت گهري، اجازت ملڻ بعد هن قرارداد پڙهي ٻڌائي، قرارداد …
قومي اسيمبلي پاران سينئر صحافي اعجاز احمد سان اڻوڻندڙ سلوڪ ۽ ڪراچي ۾ صحافي امتياز مير جي قتل خلاف مذمتي قرارداد منظور

مزید خبریں
اسلام آباد-29 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي اڊيالا جيل ۾ صحافين سان ملاقات دوران سينئر صحافي اعجاز احمد سان اڻوڻندڙ سلوڪ ۽ ڪراچي ۾ صحافي امتياز مير جي قتل خلاف مذمتي قرارداد جي منظوري ڏئي ڇڏي. قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ ان حوالي سان ايم ڪيو ايم پاڪستان جي خواجه اظهار الحسن قرار داد ايوان ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت گهري، اجازت ملڻ بعد هن قرارداد پڙهي ٻڌائي، قرارداد جي متن ۾ چيو ويو ته هي ايوان سينئر صحافي اعجاز احمد سان اڊيالا جيل ۾ صحافين جي ملاقات دوران غيرمهذب، ڌمڪي آميز ۽ اڻوڻندڙ ڳالهه ٻولهه جي مذمت ڪري ٿو ۽ پي ٽي آءِ جي باني نه رڳو غيرمهذب ۽ ڌمڪي آميز زبان جو استعمال ڪيو پر ان کانپوءِ ان جي چوڻ تي سوشل ميڊيا تي سينئر صحافين خلاف هڪ سوچيل سمجهيل اسڪيم تحت هراسان ڪرڻ جي مهم شروع ڪئي وئي ۽ کين موت مار ڌمڪيون به ڏنيون ويون، هي ايوان حڪومت کان مطالبو ڪري ٿو ته هن معاملي تي فوري قدم کنيو وڃي، گهرو وزارت کي هدايت ڏني وڃي ته نه رڳو اعجاز احمد پر ٻين صحافين کي فوري تحفظ فراهم ڪري. سوشل ميڊيا تي اهڙي طرح جي مهم جوئي جو فوري ازالو ٿيڻ گهرجي ۽ ذميوارن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي. ان کانسواءِ هي ايوان ڪراچي ۾ صحافي امتياز مير جي بي رحماڻي قتل جي مذمت ڪري ٿو ۽ قاتلن جي فوري گرفتاري لاءِ ڪارروائي جو مطالبو ڪري ٿو. هي ايوان حڪومت کي هدايت ڪري ٿو ته سوشل ميڊيا تي معزز صحافين کي هدف بڻائي هراسان ڪرڻ جي رجحان کي روڪڻ لاءِ فوري ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ ذميوارن کي قانون جي گرفت ۾ آندو وڃي. ايوان قرارداد جي اڪثريت سان منظوري ڏئي ڇڏي.











