اسلام آباد-29 سيپٽمبر (اي پي پي) وفاقي پارلياماني سيڪريٽري زيب جعفر چيو آهي ته پاڪ فوج ۾ مختلف شعبن ۾ 5 هزار عورتون ڀرتي ٿي چڪيون آهن، گذريل 3 سالن ۾ 700 عورتن ڪميشن حاصل ڪئي، اهي جنگ جي ميدان کان علاوه هر شعبي ۾ فخر جوڳيون خدمتون سر انجام ڏئي رهيون آهن. قومي اسيمبلي اجلاس ۾ شاهده رحماني جي سوال جي جواب ۾ هن ٻڌايو ته عورتون فوج ۾ …
پاڪ فوج جي مختلف شعبن ۾ 5 هزار عورتون ڀرتي ٿي چڪيون آهن، گذريل 3 سالن ۾ 700 عورتن ڪميشن حاصل ڪئي: وفاقي پارلياماني سيڪريٽري

مزید خبریں
اسلام آباد-29 سيپٽمبر (اي پي پي) وفاقي پارلياماني سيڪريٽري زيب جعفر چيو آهي ته پاڪ فوج ۾ مختلف شعبن ۾ 5 هزار عورتون ڀرتي ٿي چڪيون آهن، گذريل 3 سالن ۾ 700 عورتن ڪميشن حاصل ڪئي، اهي جنگ جي ميدان کان علاوه هر شعبي ۾ فخر جوڳيون خدمتون سر انجام ڏئي رهيون آهن. قومي اسيمبلي اجلاس ۾ شاهده رحماني جي سوال جي جواب ۾ هن ٻڌايو ته عورتون فوج ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيون آهن، اهي ميڊيڪل ڪور ۽ ايڊمنسٽريشن، آءِ ٽي، سپلائي، ايجوڪيشن ۽ سگنل ڪورز ۾ خدمتون سر انجام ڏئي رهيون آهن، اسان کي انهن جي ڪردار تي فخر آهي، جنگ جي ميدان کان علاوه ڪو به شعبو اهڙو ناهي جتي عورتون مردن کان پويان هجن.











