اسلام آباد-29 سيپٽمبر (اي پي پي) پيٽروليم واري وفاقي وزير علي پرويز ملڪ پيٽروليم جي شعبي جي پائيداري کي يقيني بڻائڻ ۽ ضروري سڌارن لاءِ مڪمل حمايت جي خاطري ڪرائيندي چيو آهي ته حڪومت اي اينڊ پي ڪمپنين کي انهن جي وڌ کان وڌ صلاحيت تي ڪم ڪرڻ ۽ سيڙپڪارن کي متوجهه ڪرڻ لاءِ هر ممڪن سهولتون فراهم ڪندي ته جيئن توانائي جي شعبي کي مستحڪم ۽ پائيدار بڻائي سگهجي. …
او جي ڊي سي ايل جي آپريشنل ۽ مالياتي ڪارڪردگي ۾ بهتري سڌي ريت بهتر گورننس سان جڙيل آهي: پيٽروليم وارو وفاقي وزير

مزید خبریں
اسلام آباد-29 سيپٽمبر (اي پي پي) پيٽروليم واري وفاقي وزير علي پرويز ملڪ پيٽروليم جي شعبي جي پائيداري کي يقيني بڻائڻ ۽ ضروري سڌارن لاءِ مڪمل حمايت جي خاطري ڪرائيندي چيو آهي ته حڪومت اي اينڊ پي ڪمپنين کي انهن جي وڌ کان وڌ صلاحيت تي ڪم ڪرڻ ۽ سيڙپڪارن کي متوجهه ڪرڻ لاءِ هر ممڪن سهولتون فراهم ڪندي ته جيئن توانائي جي شعبي کي مستحڪم ۽ پائيدار بڻائي سگهجي. پيٽروليم واري وزارت جي ترجمان پاران جاري بيان موجب اهڙو اظهار هن آئل اينڊ گئس ڊولپمينٽ ڪمپني لميٽيڊ (او جي ڊي سي ايل ) جي مينيجنگ ڊائريڪٽر ۽ سينئر ايگزيڪيٽو ميمبرن سان ملاقات ۾ ڪيو. اجلاس ۾ او جي ڊي سي ايل جي عملي سرگرمين ۽ پيداوار ۾ جامع حڪمت عملي ۽ بهتري لاءِ بريفنگ ڏني وئي جنهن جو مقصد ان قديم هائيڊرو ڪاربن فيلڊ ۾ ٿيل گهٽتائي جي رجحان کي گهٽ ڪرڻ آهي، بريفنگ دوران وفاقي وزير کي ٻڌايو ويو ته رڪوري وڌائڻ ۽ پيداوار جي سطح کي برقرار رکڻ لاءِ ڪيترائي قدم کنيا ويا آهن، توانائي جي شعبي جي مقامي بنيادن تي ترقي مستقبل جي ڪاميابي جو رستو آهي جنهن لاءِ ملڪي ايڪسپلوريشن اينڊ پروڊڪشن ڪمپنيون به ڀرپور عزم سان ڪم ڪري رهيون آهن. وفاقي وزير زور ڀريندي چيو ته او جي ڊي سي ايل جي آپريشنل ۽ مالياتي ڪارڪردگي ۾ بهتري سڌي ريت بهتر گورننس سان جڙيل آهي، هن پيٽروليم شعبي ۾ سڌارن لاءِ پنهنجي مڪمل حمايت جي عزم کي ورجائيندي چيو ته هي سڌارا ڊگهي مدي جي استحڪام ۽ قومي معيشت ۾ خاطر خواهه حصيداري کي يقيني بڻائيندا. علي پرويز ملڪ کي ٻڌايو ويو ته مالي سال 25-2024ع دوران او جي ڊي سي ايل تيل ۽ گئس جا 5 نوان کوهه دريافت ڪيا آهن جيڪا هڪ وڏي ڪاميابي آهي جيڪو پاڪستان جي وسيع هائيڊرو ڪاربن وسيلن جي ذخيرن ۾ پاڪستان جي بي پناهه صلاحيتن جو عملي ثبوت آهن. وفاقي وزير پيٽروليم شعبي جي پائيداري کي يقيني بڻائڻ ۽ ضروري سڌارن لاءِ مڪمل حمايت جي خاطري ڪرائيندي چيو ته حڪومت اي اينڊ پي ڪمپنين کي انهن جي وڌ کان وڌ صلاحيت تي ڪم ڪرڻ ۽ سيڙپڪاري کي راغب ڪرڻ لاءِ هر ممڪن سهولتون فراهم ڪندي ته جيئن توانائي جي شعبي کي مستحڪم ۽ پائيدار بڻائي سگهجي. ان موقعي تي او جي ڊي سي ايل جي مينيجنگ ڊائريڪٽر احمد حيات وفاقي وزير جي تعاون کي ساراهيندي چيو ته او جي ڊي سي ايل جهڙين ڪمپنين کي قومي توانائي ۾ ڀاڻڀرو ٿيڻ جي لاءِ وڌيڪ موثر ڪردار ادا ڪرڻ جي قابل بڻايو ويندو، اجلاس ۾ پيٽروليم واري وزارت ۽ او جي ڊي سي ايل جي چئلينجن تي ضابطو آڻڻ ۽ توانائي جي شعبي ۾ موجود موقعن مان فائدو کڻڻ لاءِ ويجهو تعاون جاري رکڻ جي گڏيل عزم کي ورجايو ويو.











