وزيراعظم محمد شهباز شريف جي اڳواڻي ۾ پهرين قومي يوٿ ايمپلائمينٽ پاليسي متعارف

لاهور -29 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين راڻا مشهود احمد خان چيو آهي، ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي اڳواڻي ۾ پاڪستان جي تاريخ جي پهرين قومي يوٿ ايمپلائمينٽ پاليسي متعارف ڪرائي وئي آهي جنهن تحت 2029ع تائين ملڪ جي افرادي قوت ۾ 100 سيڪڙو روزگار حاصل ڪرڻ کي يقيني بڻائڻ جو هدف رکيو ويو آهي. ان پاليسي جو مقصد نوجوانن کي عزت ۽ وقار سان …

لاهور -29 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين راڻا مشهود احمد خان چيو آهي، ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي اڳواڻي ۾ پاڪستان جي تاريخ جي پهرين قومي يوٿ ايمپلائمينٽ پاليسي متعارف ڪرائي وئي آهي جنهن تحت 2029ع تائين ملڪ جي افرادي قوت ۾ 100 سيڪڙو روزگار حاصل ڪرڻ کي يقيني بڻائڻ جو هدف رکيو ويو آهي. ان پاليسي جو مقصد نوجوانن کي عزت ۽ وقار سان روزگار فراهم ڪرڻ آهي. هو ايوان اقبال لاهور ۾ هڪ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو. راڻا مشهود احمد خان ٻڌايو ته پاليسي تحت ملڪ جي سمورن ضلعن ۾ ايمپلائمينٽ ايڪسچينجز قائم ڪيا ويندا ته جيئن نوجوانن کي روزگار جي سهولت سندن درن جي چانئٺ تي ميسر ٿئي. ان سان گڏوگڏ ڊجيٽل يوٿ ايپ به متعارف ڪرائي پئي وڃي، هن چيو ته ان پاليسي تحت ملڪ جي 10 اهم شعبن کي ترجيح ڏني وئي اهي جن ۾ زرعي ۽ خوراڪ جي پيداوار، اي ڪامرس، صحت، هائوسنگ ۽ تعمير، انفارميشن ٽيڪنالاجي، لاجسٽڪس ويئر هائوسنگ، مينيوفيڪچرنگ، معدنيات، سياحت ۽ مهمان نوازي ۽ پرڏيهه  ۾ نوڪرين جا موقعا شامل آهن. پرڏيهه ويندڙ پاڪستانين جي وطن واپسي تي ٻيهر تربيت ۽ انهن جي تجربي مان فائدو کڻڻ جو جامع نظام به جوڙيو پيو وڃي. هن چيو ته حڪومتي پاليسي تحت هر سال گهٽ ۾ گهٽ 10 سيڪڙو نوان ڪاروبار رجسٽرڊ ٿيندا، پوءِ اهي ڪمپنيز ايڪٽ تحت هجن يا سمال فارمز ۽ پروپرائيٽرشپس، ان ۾ صوبن جي حصيداري کي به يقيني بڻايو ويو آهي. هن چيو ته پهريون ڀيرو گرين جابز پريڪٽس ڪريڊٽ فراهم ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته اپرنٽس شپ ۽ فليڪسيبل ٽريننگ پارٽنرشپس  شروع ڪئي پئي وڃي. چيئرمين واضح ڪيو ته عورتن کي به ڀرپور نمائندي ڏني پئي وڃي ۽ هدف رکيو ويو آهي، ته 2029ع تائين 35 سيڪڙو عورتون روزگار جي عمل جو حصو بڻجن. هن چيو ته تعليم کان محروم ۽ پٺتي پيل طبقي جي نوجوانن کي به ٻيو موقعو فراهم ڪيو ويندو ته جيئن هو هنر سکي معاشري جو فعال حصو بڻجي سگهن. راڻا مشهود احمد خان چيو ته پرڏيهه ۾ نوڪري حاصل ڪرڻ لاءِ نوجوانن لاءِ 10 لک روپين تائين جو بنا وياج قرض ڏنو پيو وڃي، ته جيئن هو ٽڪيٽ ۽ شروعاتي خرچ پورا ڪري سگهن. هن چيو ته اها پاليسي 3 سالن جي محنت جو نتيجو اهي ۽ وفاقي ڪابينه ان جي منظوري ڏئي چڪي آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف ان منصوبي جي پاڻ نگراني ڪري رهيو آهي ۽ هر ٻن مهينن  کان پوءِ ان حوالي سان اجلاس منعقد ڪيو ويندو آهي. هن چيو ته دنيا جي مختلف ملڪن جهڙوڪ سعودي عرب، قطر، چين، ترڪيه ۽ آمريڪا ۾ پاڪستاني نوجوانن لاءِ دروازا کلي رهيا آهن ۽ ايندڙ ٻن ٽن سالن ۾ اٽڪل 18 لک پاڪستاني نوجوان پرڏيهه ۾ باعزت روزگار حاصل ڪري سگهندا. چيئرمين چيو ته اسان پنهنجي نوجوانن کيپ اڪستان جو اصل سفير بڻائي دنيا ۾ موڪلڻ چاهيون ٿا ته جيئن هو پنهنجي صلاحيتن ذريعي ملڪ جو نالو روشن ڪن. هن چيو ته ايندڙ ٻن ٽن سالن ۾ 18 لک نوجوانن لاءِ پرڏيهه ۾ روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا.

مزید خبریں