گڏيل عرب امارات جي هوائي ڪمپني اتحاد ايئر ويز پشاور کان ٻيهر اڏامن جي شروعات ڪري ڇڏي

پشاور -29 سيپٽمبر (اي پي پي) گڏيل عرب امارات جي هوائي ڪمپني اتحاد ايئر ويز پشاور کان ٻيهر اڏامن جي شروعات ڪري ڇڏي. اتحاد ايئر ويز جي اڏام 10 سالن کان پوءِ باچا خان انٽرنيشنل ايئرپورٽ، پشاور تي واپس لينڊ ڪيو جيڪو ملڪي هوا بازي لاءِ هڪ اهم سنگ ميل آهي. ابوظهبي کان ايندڙ اڏام اي واءِ 276  سومر کان پشاور پهتي جنهن جي آجيان روايتي واٽر سليوٽ سان گڏ …

پشاور -29 سيپٽمبر (اي پي پي) گڏيل عرب امارات جي هوائي ڪمپني اتحاد ايئر ويز پشاور کان ٻيهر اڏامن جي شروعات ڪري ڇڏي. اتحاد ايئر ويز جي اڏام 10 سالن کان پوءِ باچا خان انٽرنيشنل ايئرپورٽ، پشاور تي واپس لينڊ ڪيو جيڪو ملڪي هوا بازي لاءِ هڪ اهم سنگ ميل آهي. ابوظهبي کان ايندڙ اڏام اي واءِ 276  سومر کان پشاور پهتي جنهن جي آجيان روايتي واٽر سليوٽ سان گڏ ڪئي وئي. اتحاد ايئر ويز  هفتي ۾ 5 اڏامون ابوظهبي ۽ پشاور وچ ۾ آپريٽ ڪندي جن ۾ سومر، اڱارو، خميس، جمعو ۽ آچر شامل آهن. شيڊول موجب پشاور کان اڏام اي واءِ 277 صبح جو 8 وڳي روانو ٿي. ان اڳڀرائي سان اتحاد ايئر ويز 2025ع ۾ باچا خان انٽرنيشنل ايئرپورٽ کان آپريشن ڪندڙ ٽين عالمي ايئر لائين بڻجي وئي آهي. ان کان اڳ فلائي دبئي ۽ فلائي ايڊيل پڻ پنهنجي اڏامن جي شروعات ڪئي هئي.

مزید خبریں