اسلام آباد -29 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪ بحريه بن قاسم گهارو ۾ تمر جي وڻڪاري مهم 2025ع جي باضابطا شروعات ڪري ڇڏي آهي. ان موقعي تي ڪمانڊر ڪوسٽ مهمان خاص طور شرڪت ڪئي. مهمان خاص ٻوٽو لڳائي مهم جو افتتاح ڪيو. اها مهم ٻيلي کاتي سنڌ ۽ بلوچستان، انٽرنيشنل يونين فار ڪنزرويشن آف نيچر جي سهڪار سان شروع ڪئي وئي آهي. تقريب کي خطاب ڪندي مهمان خاص چيو ته …
پاڪ بحريه پاران بن قاسم گهارو ۾ تمر جي وڻڪاري مهم 2025ع جي باضابطا شروعات

مزید خبریں
اسلام آباد -29 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪ بحريه بن قاسم گهارو ۾ تمر جي وڻڪاري مهم 2025ع جي باضابطا شروعات ڪري ڇڏي آهي. ان موقعي تي ڪمانڊر ڪوسٽ مهمان خاص طور شرڪت ڪئي. مهمان خاص ٻوٽو لڳائي مهم جو افتتاح ڪيو. اها مهم ٻيلي کاتي سنڌ ۽ بلوچستان، انٽرنيشنل يونين فار ڪنزرويشن آف نيچر جي سهڪار سان شروع ڪئي وئي آهي. تقريب کي خطاب ڪندي مهمان خاص چيو ته موسمياتي تبديلي، حياتياتي جيوت جي تحفظ ۽ سامونڊي پٽي جي آبادين جي حفاظت ۾ تمر جي وڻن جو اهم ڪردار آهي. اها مهم پاڪ بحريه جي ماحولياتي تحفظ واري پروگرام جو اهم حصو آهي، هن وقت تائين شاه بندر کان جيواڻي تائين 87 لک تمر جا ٻوٽا لڳايا ويا آهن.ان مهم ذريعي مقامي آبادي لاءِ روزگار جا موقعا به وڌيا آهن. سامونڊي حياتيات جو تحفظ ۽ پائيدار ترقي پاڪ بحريه جي ماحولياتي قدمن جو بنيادي حصو آهي.











