اسلام آباد-29 سيپٽمبر (اي پي پي) قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته سياست ۽ صحافت جو پاڻ ۾ گهرو رشتو آهي، رک رکاءُ ۽ رواداري جو دامن هٿ مان نه ڇڏڻ گهرجي، پي آر اي جي سينئر ميمبر اعجاز احمد سان اڊيالا جيل ۾ افسوسناڪ واقعو پيش آيو ان تي پارلياماني پريس گئلري مان صحافين واڪ آئوٽ ڪيو، صحافي ڌرين جو ڪم تنقيد …
سياست ۽ صحافت جو پاڻ ۾ گهرو رشتو آهي، رک رکاءُ ۽ رواداري جو دامن هٿ مان نه ڇڏڻ گهرجي: اعظم نذير تارڙ

مزید خبریں
اسلام آباد-29 سيپٽمبر (اي پي پي) قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته سياست ۽ صحافت جو پاڻ ۾ گهرو رشتو آهي، رک رکاءُ ۽ رواداري جو دامن هٿ مان نه ڇڏڻ گهرجي، پي آر اي جي سينئر ميمبر اعجاز احمد سان اڊيالا جيل ۾ افسوسناڪ واقعو پيش آيو ان تي پارلياماني پريس گئلري مان صحافين واڪ آئوٽ ڪيو، صحافي ڌرين جو ڪم تنقيد ۽ آرسي ڏيکارڻ آهي جنهن کي وڏي دل سان وٺڻ گهرجي. قومي اسيمبلي جي اجلاس مان اڊيالا جيل جي ٻاهران پي آر اي جي سينئر ميمبر اعجاز احمد سان پيش آيل واقعي خلاف پريس گئلري مان صحافين واڪ آئوٽ ڪيو، ان موقعي تي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر چيو ته پي آر اي جو وفد مون وٽ لکت ۾ شڪايت کڻي آيو هو، ان حوالي سان اعظم نذير تارڙ چيو ته بدقسمتي سان اڊيالا جيل ٻاهران جيڪو واقعو ٿيو ان جي شڪايت سامهون آئي آهي اها جائز آهي، اسان ماڻهو ۽ ٻيون پارٽيون به ان تڪليف مان گذريون آهن، رک رکاءُ ۽ رواداري جو دامن هٿ مان نه ڇڏڻ گهرجي، هڪ سينئر ليڊر اڊيالا جيل ٻاهران اعجاز احمد خلاف غير پارلياماني زبان استعمال ڪئي، صحافين جو ڪم آرسي ڏيکارڻ آهي، تنقيد کي وڏي دل سان وٺڻ گهرجي. سينئر قيادت جيڪڏهن اڻوڻندڙ لفظ استعمال ڪندي ۽ سوشل ميڊيا تي ٽرولنگ ڪندي ته جيڪڏهن اهڙي طرح ڪنهن صحافي کي نقصان پهچي ٿو ته ان جو ذميوار ڪير هوندو؟ اسان جا رويا جمهوري هجڻ گهرجن، اسان کي ٻي جي ڳالهه ٻڌڻ جو حوصلو هجڻ گهرجي، سياست ۽ سهپ جو پاڻ ۾ ويجهو ڳانڍاپو آهي، سياستدانن طرفان ڏنڊا کڻڻ تڪليف ڏيندڙ ڳالهه آهي، وڏي منصب وارن کي ان حوالي سان وڌيڪ احتياط ڪرڻ گهرجي، شهرين جي جان ۽ مال جي حفاظت حڪومت جي ذميواري آهي، سوشل ميڊيا ٽرولنگ ڪنهن به صورت ۾ درست ناهي. پيپلزپارٽي جي ميمبر شازيه مري چيو ته هي هڪ سنگين معاملو آهي، اعجاز احمد سينئر ۽ صحافتي قدر رکندڙ صحافي آهي، سوشل ميڊيا تي ان جي تصوير لڳائي کيس هراسان ڪيو ويو اهو عمل درست ناهي، رپورٽنگ ڪرڻ ڏوهه ناهي، سياسي پارٽي طرفان ان کي نشانو بڻائڻ درست عمل ناهي، ان موقعي تي اسپيڪر حڪومت ۽ مخالف ڌر جي نمائندن کي چيو ته اهي وڃي پريس گئلري مان واڪ آئوٽ ڪندڙ صحافين سان ملاقات ڪري سندن خدشا ختم ڪن.











