اسلام آباد-29 سيپٽمبر (اي پي پي) نيپرا ڊسڪوز جي آگسٽ جي ماهوار فيول چارجز ايڊجسٽمنٽ جي حوالي سان عوامي ٻڌڻي مڪمل ڪري ورتي. نيپرا طرفان جاري پڌرائي مطابق عوامي ٻڌڻي نيپرا چيئرمين جي صدارت هيٺ منعقد ٿي. ٻڌڻي ۾ سي پي پي اي جي، جي عهديدار، ڪاروباري برادري، توانائي وزارت جي نمائندن، صحافين ۽ عوام شرڪت ڪئي. سي پي پي اي جي، ايف سي اي جي مد ۾ 19 پيسا …
نيپرا پاران ڊسڪوز جي آگسٽ جي ماهوار فيول چارجز ايڊجسٽمنٽ جي حوالي سان ٻڌڻي مڪمل

مزید خبریں
اسلام آباد-29 سيپٽمبر (اي پي پي) نيپرا ڊسڪوز جي آگسٽ جي ماهوار فيول چارجز ايڊجسٽمنٽ جي حوالي سان عوامي ٻڌڻي مڪمل ڪري ورتي. نيپرا طرفان جاري پڌرائي مطابق عوامي ٻڌڻي نيپرا چيئرمين جي صدارت هيٺ منعقد ٿي. ٻڌڻي ۾ سي پي پي اي جي، جي عهديدار، ڪاروباري برادري، توانائي وزارت جي نمائندن، صحافين ۽ عوام شرڪت ڪئي. سي پي پي اي جي، ايف سي اي جي مد ۾ 19 پيسا في يونٽ اضافي جي درخواست جمع ڪرائي هئي جنهن جو اطلاق صرف هڪ مهيني لاءِ ڊسڪوز جنهن ۾ ڪي – اليڪٽرڪ جي سمورن صارفين سواءِ لائف لائن، پري پيڊ صارفين ۽ اليڪٽرڪ ويهيڪل چارجنگ اسٽيشنز تي هوندو. اٿارٽي سمورن لاڳاپل اسٽيڪ هولڊرز جي راءِ کي ٻڌو، اٿارٽي ڊيٽا جي وڌيڪ جاچ پڙتال کانپوءِ پنهنجو فيصلو جاري ڪندي.











