بدين ۽ ٺٽو مان پوليو وائرس جي ٻن نون ڪيسن جي تصديق، مجموعي انگ 29 ٿي ويو: نيشنل ايمرجنسي آپريشن سينٽر

اسلام آباد-29 سيپٽمبر (اي پي پي) سنڌ جي ضلعن بدين ۽ ٺٽو مان پوليو وائرس جي ٻن نون ڪيسن جي تصديق ٿي آهي، جنهن کانپوءِ هلندڙ سال دوران ڪيسن جو مجموعي انگ 29 ٿي ويو. نيشنل ايمرجنسي آپريشن سينٽر (اين اي او سي) طرفان جاري تفصيلن موجب سڄي ملڪ ۾ قومي پوليو جي خاتمي واري مهم 13 کان 19 آڪٽوبر تائين ٿيندي. اين اي او سي جي عملدارن چيو ته …

اسلام آباد-29 سيپٽمبر (اي پي پي) سنڌ جي ضلعن بدين ۽ ٺٽو مان پوليو وائرس جي ٻن نون ڪيسن جي تصديق ٿي آهي، جنهن کانپوءِ هلندڙ سال دوران ڪيسن جو مجموعي انگ 29 ٿي ويو. نيشنل ايمرجنسي آپريشن سينٽر (اين اي او سي) طرفان جاري تفصيلن موجب سڄي ملڪ ۾ قومي پوليو جي خاتمي واري مهم 13 کان 19 آڪٽوبر تائين ٿيندي. اين اي او سي جي عملدارن چيو ته مهم دوران 4 ڪروڙ 54 لک کان وڌيڪ ٻارن کي پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا پياريا ويندا. هنن والدين کي اپيل ڪئي ته هر مهم دوران پنهنجي ٻارن کي پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا لازمي پيارين، ٻارن کي پوليو ويڪسينيشن سان گڏ حفاظتي ٽڪن جو ڪورس به وقت سر مڪمل ڪرائين، پوليو جو خاتمو اسان سڀني جي گڏيل ذميواري آهي.

مزید خبریں