اسلام آباد _ 29 سيپٽمبر ( اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ سينيئر صحافي امتياز مير جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي بيان ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير مرحوم جي گهرڀاتين سان دلي همدرديءَ ۽ تعزيت جو اظهار ڪندي چيو ته امتياز مير جي لاڏاڻي جي خبر ٻڌي دلي افسوس ٿيو، گهرڀاتين جي ڏک ۾ برابر جا …
اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ پاران سينيئر صحافي امتياز مير جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار

مزید خبریں
اسلام آباد _ 29 سيپٽمبر ( اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ سينيئر صحافي امتياز مير جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي بيان ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير مرحوم جي گهرڀاتين سان دلي همدرديءَ ۽ تعزيت جو اظهار ڪندي چيو ته امتياز مير جي لاڏاڻي جي خبر ٻڌي دلي افسوس ٿيو، گهرڀاتين جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون، مرحوم جي صحافتي خدمتن کي سدائين ياد رکيو ويندو. وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم امتياز مير کي جنت ۾ اعليٰ مقام ۽ پونئيرن کي صبر جميل عطا فرمائي.











