لنڊن- 28 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان معيشت، پرڏيهي لاڳاپن ۽ دفاع سميت سمورن محاذن تي تيزي سان ترقي ڪري رهيو آهي، معاشي استحڪام حاصل ڪري ورتو آهي، هاڻي ملڪ معاشي ترقي طرف وڌندو. لنڊن ۾ پاڪستاني هاءِ ڪميشن جي دوري دوران پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين جي وفدن سان ڳالهائيندي هن چيو ته ماضي ۾ پاڪستان جي معيشت هڪ مشڪل دور مان گذري، …
پاڪستان معيشت، پرڏيهي لاڳاپن ۽ دفاع سميت سمورن محاذن تي تيزي سان ترقي ڪري رهيو آهي: وزيراعظم شهباز شريف

مزید خبریں
لنڊن- 28 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان معيشت، پرڏيهي لاڳاپن ۽ دفاع سميت سمورن محاذن تي تيزي سان ترقي ڪري رهيو آهي، معاشي استحڪام حاصل ڪري ورتو آهي، هاڻي ملڪ معاشي ترقي طرف وڌندو. لنڊن ۾ پاڪستاني هاءِ ڪميشن جي دوري دوران پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين جي وفدن سان ڳالهائيندي هن چيو ته ماضي ۾ پاڪستان جي معيشت هڪ مشڪل دور مان گذري، موجوده حڪومت جون سموريون ڪاميابيون خلوص، محنت ۽ ٽيم ورڪ جو نتيجو آهن ۽ هر ڪنهن هدف کي حاصل ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو. وزيراعظم چيو ته اسان تعاون، مشاورت، خلوص، مسلسل ڪوششن ۽ فڪر ۽ عمل جي اتحاد سان هر مشڪل تي ضابطو آڻي سگهون ٿا ۽ ترقي ڪري سگهون ٿا، پاڪستان قومن جي برادري ۾ وقار ۽ احترام حاصل ڪيو آهي. هن ياد ڏياريو ته پاڪستان جنگ کٽي ورتي ۽ پنهنجي دشمن کي شڪست ڏني جنهن کانپوءِ دنيا ۾ پاڪستان جو مان مٿي ٿيو آهي، هن چيو ته گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ پنهنجي تقرير ۾ پاڪستاني عوام جي نمائندگي ڪئي، انهن جو ڪيس پيش ڪيو ۽ انهن جي جذبن جي عڪاسي ڪئي. هن نشاندهي ڪئي ته پنهنجي تقرير ۾ هن ڪشمير ۽ فلسطين جي مسئلن کي اجاگر ڪيو. هن چيو والاريل ڄمون ڪشمير جو عوام هڪ ڏينهن پنهنجي آزادي واري منزل حاصل ڪري وٺندو. وزيراعظم چيو ته غزه جي ماڻهن جهڙي طرح ظلم ۽ ڏاڍ کي منهن ڏئي رهيا آهن ان جو دنيا ۾ ڪو به مثال نٿو ملي. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي اڳواڻي ۾ عرب اسلامي ملڪن سان مشاورت، غزه جي معاملي تي همٿائيندڙ نتيجا فراهم ڪندي، هن چيو ته غزه ۾ قابض فوج عورتن، ٻارن، نوجوانن ۽ بزرگن سميت 64 هزار مسلمانن کي شهيد ڪيو آهي. هن غزه ۾ امن ۽ ظلم جي خاتمي لاءِ به دعا ڪئي. وزيراعظم چيو ته واشنگٽن ۾ صدر ٽرمپ سان تعميري ۽ لاڀائتي ملاقات دوستاڻي ماحول ۾ ٿي. هن زور ڀريندي چيو ته هي ملاقات آمريڪا سان وڌيڪ بهتر لاڳاپن جو سنگ ميل ثابت ٿيندي. هن چيو ته پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستاني اسان جو قيمتي اثاثو آهن، هو پاڪستان جا عظيم سفير آهن ۽ اهي پنهنجي ملڪ جي خدمت ڪري رهيا آهن، ان موقعي تي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو ته گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس دوران وزيراعظم پاڪستان جي موثر طريقي سان نمائندگي ڪئي. هن چيو ته 5 عرب ملڪن سعودي عرب، گڏيل عرب امارتن، قطر، اردن ۽ مصر ۽ 3 غير عرب ملڪن پاڪستان، ترڪيه ۽ انڊونيشيا سميت 8 ملڪن جي سربراهن آمريڪي صدر سان ملاقات ڪئي ۽ غزه جي مسئلي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هن چيو ته شروعاتي ملاقات کانپوءِ به ملاقاتون جاري رهيون ۽ ان سان غزه معاملي تي مثبت نتيجا سامهون ايندا جيڪي قوم سان شيئر ڪيا ويندا. اسحاق ڊار چيو ته پاڪستاني قيادت گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس دوران تقريبن 2 درجن ملاقاتن ۾ سمورن فورمن تي قوم جي نمائندگي ڪئي. پاڪستاني وفد ڪشمير، فلسطين ۽ غزه جا مسئلا عالمي برادري آڏو اٿاريا. هن چيو ته جڏهن وزيراعظم اپريل 2022ع ۾ ذميواريون سنڀاليون ته هن پاڪستان کي معاشي ڏيوالو ٿيڻ کان بچايو. هن چيو ته نواز شريف پاڪستان جي معيشت کي 24 هين وڏي معيشت بڻائڻ ٿي چاهيو جيڪو 2022ع کانپوءِ چئن سالن جي بدانتظامي سبب 47 هين نمبر تي اچي وئي. هن چيو ته هاڻي حالتون بهتر ٿي ويون آهن، معاشي استحڪام حاصل ٿي ويو آهي، وياج جي شرح 22 سيڪڙو کان گهٽجي 11 سيڪڙو ٿي وئي آهي ۽ مهانگائي 30 سيڪڙو کان گهٽجي 5 سيڪڙو رهجي وئي آهي. هن وڌيڪ چيو ته جيئن جيئن پاڪستان ترقي ڪندو ان مان غربت ختم ٿيندي، ترقي ٿيندي ۽ عوام جي في ڪس آمدني ۾ واڌ ٿيندي. هن وڌيڪ چيو ته حڪومت پاڪستان کي اڳتي وٺي وڃڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، پاڪستان جي ترقي نظر اچي رهي آهي ۽ دنيا ان کي تسليم ڪري رهي آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ملاقات دوران سمنڊ پار پاڪستانين وزيراعظم جي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 80 هين اجلاس ۾ خطاب کي ساراهيو ۽ پاڪستان جو موقف ڀرپور انداز ۾ پيش ڪرڻ تي کيس خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته وزيراعظم پاڪستان جنهن نموني ڪشمير جو ڪيس گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ وڙهيو آهي ان سان ڪشمير مسئلو عالمي سطح تي اجاگر ٿيو آهي. سمنڊ پار پاڪستانين ڄمون ڪشمير ۽ فلسطين تڪرارن تي ڀرپور آواز اٿارڻ تي واکاڻ ڪئي ۽ ان ڳالهه تي فخر جو اظهار ڪيو ته وزيراعظم جي تقرير جنرل اسيمبلي ۾ سڀ کان وڌيڪ ٻڌي ويندڙ تقريرن ۾ شامل آهي. بعد ۾ وزيراعظم پاڪستان هاءِ ڪميشن ۾ مهمانن جي ڪتاب ۾ تاثر به لکيا.











