تل ابيب -29 سيپٽمبر (اي پي پي) اسرائيلي پارليامينٽ جي قومي سلامتي ڪميٽي پنهنجي پهرين خواندگي ۾ هڪ بل جي منظوري ڏني آهي جنهن تحت اسرائيلي جيلن ۾ قيد فلسطيني قيدين کي موت جي سزا ڏئي سگهجي ٿي. ان بل کي دهشتگردن لاءِ موت جي سزا جو قانون قرار ڏنو پيو وڃي. پرڏيهي ميڊيا موجب ڪميٽي بل کي 4 جي ڀيٽ ۾ هڪ ووٽ سان منظور ڪندي وڌيڪ ڪارروائي لاءِ …
اسرائيلي پارليامينٽ جي ڪميٽي پاران فلسطيني قيدين کي موت جي سزا ڏيڻ جو تڪراري بل منظور

مزید خبریں
تل ابيب -29 سيپٽمبر (اي پي پي) اسرائيلي پارليامينٽ جي قومي سلامتي ڪميٽي پنهنجي پهرين خواندگي ۾ هڪ بل جي منظوري ڏني آهي جنهن تحت اسرائيلي جيلن ۾ قيد فلسطيني قيدين کي موت جي سزا ڏئي سگهجي ٿي. ان بل کي دهشتگردن لاءِ موت جي سزا جو قانون قرار ڏنو پيو وڃي. پرڏيهي ميڊيا موجب ڪميٽي بل کي 4 جي ڀيٽ ۾ هڪ ووٽ سان منظور ڪندي وڌيڪ ڪارروائي لاءِ پارليامينٽ کي مڪمل ووٽ سامهون پيش ڪيو. اهو قدم اسرائيلي سياسي ۽ قانوني حلقن ۾ شديد تڪرار جو سبب بڻجي ويو آهي. ڪميٽي جي قانوني صلاحڪار ادوبين يتزاڪ خبردار ڪيو آهي. ڇاڪاڻ ته ووٽنگ پارليامينٽ جي موڪلن دوران ٿي انهي لاءِ غيرقانوني ٿي سگهي ٿي. اهڙي طرح سيڪيورٽي ادارن جي نمائندن جي غيرموجودگي ۽ قانون جي تفصيلن تي عدم بحث تي به سوال اٿاريا پيا وڃن. اسرائيلي وزيراعظم جي قيدين جي معاملن جي ترجمان به خدشو ظاهر ڪيو آهي، ته ان بل جي منظوري سان غزه جي پٽي ۾ قيد يرغمالين جي آزادي جون ڪوششون متاثر ٿي سگهن ٿيون. اها اڳڀرائي ان وقت سامهون آئي آهي جڏهن اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو جي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سان طئي ٿيل ملاقات واشنگٽن ۾ متوقع آهي، ٻنهي اڳواڻن جي ڳالهين ۾ فلسطيني رياست جي معاملي ۽ غزه جي صورتحال تي ڌيان ڏيڻ جو امڪان آهي.











