معلومات تائين پُهچ هر شهري جو بنيادي ۽ جمهوري حق آهي: صدر آصف علي زرداري

اسلام آباد- 28 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته معلومات تائين پُهچ هر شهري جو بنيادي ۽ جمهوري حق آهي. معلومات جو آزاد ڦهلاءُ شفافيت، جوابدهي ۽ سٺي حڪمراني کي فروغ ڏئي ٿو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري ڪيل هڪ بيان موجب صدر آصف علي زرداري، معلومات تائين پُهچ جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي هڪ پيغام جاري ڪندي چيو ته غلط معلومات …

اسلام آباد- 28 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته معلومات تائين پُهچ هر شهري جو بنيادي ۽ جمهوري حق آهي. معلومات جو آزاد ڦهلاءُ شفافيت، جوابدهي ۽ سٺي حڪمراني کي فروغ ڏئي ٿو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري ڪيل هڪ بيان موجب صدر آصف علي زرداري، معلومات تائين پُهچ جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي هڪ پيغام جاري ڪندي چيو ته غلط معلومات ۽ جعلي خبرن ذريعي سچ کي مسخ ڪرڻ اڄ جي دور جو هڪ وڏو چئلينج آهي. جعلي خبرن جو ڦهلاءُ قومي اتحاد ۽ ادارن تي عوام جي اعتماد کي نقصان پهچائيندو آهي. ذميوار رپورٽنگ ۽ صحيح معلومات جي فراهمي جمهوري استحڪام لاءِ اڻٽر آهي. صدر چيو ته معلومات تائين بروقت ۽ صحيح رسائي شهرين کي بااختيار بڻائي ٿي. صدر عوام کي اپيل ڪئي ته سوشل ميڊيا تي غير تصديق ٿيل معلومات جي پکيڙ کان پاسو ڪن. هڪ باخبر سماج شفافيت، ترقي ۽ انصاف جو بنياد رکي ٿو. سمُورا ادارا معلومات تائين پُهچ جي نظام کي وڌيڪ اثرائتو بڻائين.

مزید خبریں