آمريڪي سامونڊي جهاز يو ايس ايس وين اي ميئر جو ٻن ڏينهن وارو پاڪستان جو دورو پڄاڻي تي پهتو

ڪراچي- 28 سيپٽمبر (اي پي پي) آمريڪي سامونڊي  جهاز يو ايس ايس وين اي ميئر جو ٻن ڏينهن وارو پاڪستان جو دورو پڄاڻي تي پهچي ويو. تفصيل موجب دوري دوران آمريڪي سامونڊي جهاز جي ڪمانڊنگ آفيسر ڪمانڊر پاڪستان فليٽ، ريئر ايڊمرل عبدالمنيب سان ملاقات ڪئي ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي ڳالهيون ڪيون. دوري دوران آمريڪي سامونڊي جهاز جي عملي تربيتي سيشنز ۽ راندين جي مقابلن ۾ به حصو ورتو، …

ڪراچي- 28 سيپٽمبر (اي پي پي) آمريڪي سامونڊي  جهاز يو ايس ايس وين اي ميئر جو ٻن ڏينهن وارو پاڪستان جو دورو پڄاڻي تي پهچي ويو. تفصيل موجب دوري دوران آمريڪي سامونڊي جهاز جي ڪمانڊنگ آفيسر ڪمانڊر پاڪستان فليٽ، ريئر ايڊمرل عبدالمنيب سان ملاقات ڪئي ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي ڳالهيون ڪيون. دوري دوران آمريڪي سامونڊي جهاز جي عملي تربيتي سيشنز ۽ راندين جي مقابلن ۾ به حصو ورتو، انهن سرگرمين جو مقصد گڏيل تعاون  کي هٿي ڏيڻ ۽ پيشيواراڻي صلاحيتن ۾ وڌيڪ اضافو هو، ٻنهي ملڪن جي سامونڊي فوج جي اهلڪارن هڪ ٻئي جي جهازن جو دورو به ڪيو، يو ايس ايس وين اي ميئر جو پاڪستان جو دورو خطي ۾ سامونڊي سلامتي ۽ استحڪام لاءِ گڏيل عزم جو عڪاس آهي، يو ايس ايس وين اي ميئر جي دوري سان ٻنهي ملڪن جي سامونڊي فوج  وچ ۾ پراڻي سامونڊي سهڪار کي وڌيڪ هٿي ملندي.

مزید خبریں