اسلام آباد- 28 سيپٽمبر (اي پي پي) ڪرپٽو ۽ بلاڪ چين بابت مملڪتي وزير بلال بن ثاقب آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ڪرپٽو بابت صلاحڪار ميٽرڪ وِٽ سان ملاقات ڪئي آهي. تفصيل موجب ان ملاقات دوران ٻنهي ملڪن وچ ۾ بلاڪ چين ۽ ڊجيٽل اثاثن ۾ سهڪار وڌائڻ تي ڳالهيون ڪيون ويون. مملڪتي وزير چيو ته ڪرپٽو ۽ ڊجيٽل اثاثن ۾ پاڪستان عالمي قيادت سان گڏ آهي، آمريڪا ۽ پاڪستان …
ڪرپٽو ۽ بلاڪ چين بابت مملڪتي وزير جي آمريڪي صدر جي ڪرپٽو بابت صلاحڪار سان ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد- 28 سيپٽمبر (اي پي پي) ڪرپٽو ۽ بلاڪ چين بابت مملڪتي وزير بلال بن ثاقب آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ڪرپٽو بابت صلاحڪار ميٽرڪ وِٽ سان ملاقات ڪئي آهي. تفصيل موجب ان ملاقات دوران ٻنهي ملڪن وچ ۾ بلاڪ چين ۽ ڊجيٽل اثاثن ۾ سهڪار وڌائڻ تي ڳالهيون ڪيون ويون. مملڪتي وزير چيو ته ڪرپٽو ۽ ڊجيٽل اثاثن ۾ پاڪستان عالمي قيادت سان گڏ آهي، آمريڪا ۽ پاڪستان بلاڪ چين ۽ ڊجيٽل اثاثن ۾ سهڪار ذريعي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي راهه تي گامزن آهي. هن چيو ته پاڪستان عالمي ڊجيٽل معيشت ۽ جديد ٽيڪنالاجي ۾ ترقي جي راهه هموار ڪري رهيو آهي.











